لاهور – 31 ڊسمبر (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته عوامي ڀلائي جي سمورن منصوبن تي گهربل بجيٽ کي ترجيحي بنيادن تي فراهم ڪيو ويندو آهي ته جيئن انهن منصوبن کي وقت سر ۽ بهترين طريقي سان مڪمل ڪري موثر عوامي خدمت کي يقيني بڻائي سگهجي. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وز??راعظم عمران خان جي صدارت هيٺ پنجاب ۾ ترقياتي بجيٽ تي بريفنگ اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ پنجاب جي وڏي وز??ر سردار عثمان بوزدار، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وز??ر چوڌري فواد حسين، تعليم واري وفاقي وز??ر شفقت محمود، وز??راعظم جي خاص مددگار شهباز گل، اطلاعات واري مملڪتي وز??ر فرخ حبيب، ناڻي واري صوبائي وز??ر مخدوم هاشم جوان بخت، پنجاب جي چيف سيڪريٽري ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. ناڻي واري صوبائي وز??ر مخدوم هاشم جوان بخت وز??راعظم کي بريف ڪيو ته پ??جاب جو تازو ترقياتي بجيٽ تاريخي طور تي سڀ کان وڏ?? 740 ارب روپيا مختص ڪيو ويو آهي، وز??راعظم عمران خان کي پناب ۾ مواصلات جي ذريعن، تعليم رستن جي تعمير ۽ صحت جي شعبي ۾ جاري ترقياتي پروجيڪٽس جي تڪميل تي گهربل بجيٽ تي پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ جي چيئرمين عبدالله سنبل بريفنگ ڏني. وز??راعظم عمران خان عوامي ڀلائي جي سمورن منصوبن تي گهربل بجيٽ کي ترجيحي بنيادن تي فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي ته جيئن انهن منصوبن کي وقت سر ۽ بهترين طريقي سان مڪمل ڪري موثر عوامي خدمت کي يقيني بڻائي سگهجي. وز??راعظم عمران خان عوامي ڀلائي جي ترقياتي منصوبن بابت عوامي آگاهي جي مهم کي وڌيڪ موثر بڻائڻ جي به هدايت ڪئي.