اسلام آباد – 30 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان پارٽي آئين تي نظرثاني ڪميٽي جي سفارش?? جي روشني ۾ نئين آئيني اسڪيم جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. پاڪستان تحريڪ انصاف جي سينٽرل ايگزيڪيٽو ڪميٽي جو اهم ترين اج??اس وزيراعظم ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خا?? جي صدارت ۾ خميس ڏينهن ٿيو. اج??اس ۾ پرڏيهي وزير ۽ وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي ۽ منصوبابندي ۽ مرڪزي سيڪريٽري جنرل اسد عمر سميت سينٽرل ايگزيڪيٽو ڪميٽي جي ميمبرن شرڪت ڪئي. پاڪستان تحريڪ انصاف جي مرڪزي ميڊيا ڊپارٽمينٽ مان جاري بيان موجب اج??اس ۾ تحريڪ انصاف جي آئين تي نظرثاني لاءِ جوڙيل خصوصي ڪميٽي جي پيش ڪيل سفارشن تي غور ڪيو ويو. وزيراعظم ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين ن??رثاني ڪميٽي جي سفارش?? جي روشني ۾ نئين آئيني اسڪيم جي منظوري ڏئي ڇڏي. پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان مرڪزي سيڪريٽري جنرل جي قيادت ۾ نون ن??مزد ڪيل ذميدارن کي هيٺين سطح تائين تنظيم سازي جو عمل جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ جي فوري هدايت ڪئي. وزيراعظم عمران خان چيو ته تحريڪ انصاف وفاق پاڪستا?? جي مقبول ۽ منظم ترين سياسي قوت آهي، سياسي ۽ انتظامي طور تي هيٺين سطح تائين عوام کي بااختيار بڻائڻ جي هدفن طرف وڌي رهيا آهيون. هن چيو ته ??وم?? تعمير ۽ ترقي جي عمل ۾ سماج جي غريب طبقي جي ڀلائي تي خصوصي ڌيان ڏئي رهيا آهيون. صحت ڪارڊ کان سستي راشن اسڪيمن تائين حڪومت فلاحي رياست جي طرز تي عوامي ڀلائي تي غير معمولي وسيلا خرچ ڪري رهي آهي، هن چيو ته تحريڪ انصاف جا ڪارڪن حڪومت جي ڀلائي جي منصوبن جا ثمر عوام تائين پهچائڻ جي عمل ۾ شرڪت ڪن. هن چيو ته تحريڪ انصاف جي تنظيمي ذميدار هر سطح تي پاڻ کي منظم ۽ آئنده جي سياسي چئلينجن مان سرخرو ٿيڻ جي تياري ڪن.