اسلام آباد – 31 ڊسمبر (اي پي پي) ڪورونا جي باوجود سفارتي حوالي سان 2021ع، پاڪستان لاءِ علائقائي ۽ عالمي وابستگي جو سال رهيو. صدر، وزيراعظم ۽ پر??يهي وزير ٻطرفي رابطن جي فروغ لاءِ هلندڙ سال مجموعي طور تي ڪيترن ئي اهم ملڪن جا دورا ڪيا، موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ، اسلامو فوبيا جي وڌندڙ رجحان جي ازالي، ڪشمير مسئلي ۽ افغانستان جي اڀرندڙ صورتحال تي موثر آواز اٿاريو، پاڪستان والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين جي ٺوس ثبوتن تي ٻڌل ”ڊوزيئر“ دنيا جي سامهون رکيو ۽ هندستان سرڪار جي هندوتوا پاليسين تان پردو کنيو، سڄي دنيا جي اهم ملڪن سان واپاري ۽ اقتصادي اسٽريٽجڪ حصيداري لاءِ موثر رابطا ڪيا ويا ۽ افغانستان جي ڏس ۾ سعودي عرب جي تجويز تي پاڪستان جي ميزباني ۾ او آءِ سي پر??يهي وزيرن جي ڪائونسل جو غير معمولي اجلاس اسلام آباد ۾ منعقد ٿيو جيڪو پاڪستان جي تمام وڏي سفارتي ڪاميابي آهي. جمعي تي سال جي پڄاڻي تي پاڪستان جي پر??يهي پاليسي جي نمايان ڪاميابين جي حوالي سان جاري رپورٽ موجب وزيراعظم عمران خان جي ويزن تحت ۽ پر??يهي وزير مخدوم شاهه محمود ق??يش?? جي قيادت ۾ پر??يهي وزارت 2021ع ۾ انتهائي متحرڪ ۽ فعال پر??يهي پاليسي جي ڪري ڪيتريون ئي نمايان ڪاميابيون حاصل ڪيون. ڪورونا وبا جي باوجود ، صدر ڊاڪٽر عارف علوي، وزيراعظم عمران خان ۽ پر??يهي وزير مخدوم شاهه محمود ق??يش?? ٻطرفي رابطن جي فروغ لاءِ هلندڙ سال ڪيترن ئي اهم ملڪن جا دورا ڪيا جڏهن ته سا?? 2021ع دوران 35 ملڪن جي قيادت پاڪستان جو دورو ڪيو جيڪو ان ڳالهه جو اظهار آهي ته سفارتي حوالي سان 2021ع پاڪستان لاءِ علائقائي ۽ عالمي وابستگي جو سال رهيو، پر??يهي وزير جي 50 کان وڌيڪ ملڪن جي پر??يهي وزيرن سان 85 ٻطرفيون ملاقاتون ٿيون. وزيراعظم عمران خان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 76 هين اجلاس جي موقعي تي پنهنجي خطاب ۾ ڪورونا وبا ۽ موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ، اسلامو فوبيا جي وڌندڙ رجحان جي ازالي، ڪشمير مسئلي ۽ افغانستان جي اڀرندڙ صورتحال تي موثر اواز اٿاريو. ان کانسواءِ وزيراعظم عمران خان اسرندڙ ملڪن جي معيشتن کي ڪورونا وبا جي معاشي بحران کان بچائڻ لاءِ ”قرضن جي ادائيگي ۾ سهولت جي فراهمي جي تجويز ڏني جنهن کي عالمي سطح تي پذيرائي ملي“. پر??يهي وزير گذريل سال جي دوران گڏيل قومن سميت عالمي فورمن تي پاڪستان جي نمائندگي ڪندي دنيا جو ڌيان فلسطين، والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۽ افغانستان جي اڀرندڙ صورتحال طرف ڇڪرايو جڏهن ته پاڪستان والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين جي ٺوس ثبوتن تي ٻڌل ”ڊوزيئر“ دنيا جي سامهون رکيو ۽ هندستان جي سرڪار جي هندوتوا پاليسين جو پردو هٽايو. ”2021ع ان فوڪس“ رپورٽ موجب سا?? 2021ع جي دوران پر??يهي وزير نائجر ۾ منعقد او آءِ سي پر??يهي وزيرن جي ڪائونسل جي 47 هين اجلاس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪئي ۽ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين ۽ وڌند?? اسلامو فوبيا جي خلاف تاريخي قراردادون منظور ڪرايون ۽ وزيراعظم عمران خان جي ويزن جي روشني ۾ پاڪستان جي اقتصادي ترجيحاتي ايجنڊا کي اڳتي وڌائيندي سڄي دنيا جي اهم ملڪن سان واپاري ۽ اقتصادي اسٽريٽجڪ حصيداري لاءِ موثر رابطا ڪيا، وزيراعظم عمران خان ۽ پر??يهي وزير 15 آگسٽ کانپوءِ ڪيترن ئي هم منصبن سان رابطا ڪيا ۽ افغانستان جي اڀرندڙ صورتحال ۽ وڌندڙ انساني بحران طرف عالمي برادري جو ڌيان ڇڪرايو. پاڪستان 15 آگسٽ کانپوءِ افغانستان جي اڀرندڙ صورتحال تي گڏيل لائحه عمل جوڙڻ لاءِ ”ويجهي پاڙيسري ملڪن“ کي اعتماد ۾ ورتو. پاڪستان جي سفارتي ڪوششن سان افغانستان جي 6 ويجهي پاڙيسري ملڪن جو پليٽ فارم وجود ۾ اچي چڪو آهي، ان پليٽ فارم جو پهريون اجلاس پاڪستان ۽ ٻيو ايران جي ميزباني ۾ ٿي چڪو آهي، جڏهن ته ٽيون اجلاس جلد ئي چين ۾ متوقع آهي. افغانستان جي خطرناڪ معاشي صورتحال جي ڏس ۾ سعودي عرب جي تجويز تي پاڪستان جي ميزباني ۾ او آءِ سي پر??يهي وزيرن جي ڪائونسل جي غير معمولي اجلاس جو انعقاد پاڪستان جي تمام وڏي سفارتي ڪاميابي آهي. 30 پر??يهي وزيرن ۽ نائب پر??يهي وزيرن سميت 70 وفدن ان تاريخي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. وزيراعظم عمران خان جي خوصي هدايت تي پر??يهي وزير مخدوم شاهه محمود ق??يش?? جي قيادت ۾ پر??يهي وزارت ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي قونصلر سميت ٻين سهولتن جي فراهمي لاءِ موثر ۽ ٺوس قدم کنيا، پبلڪ ڊپلوميسي تحت ويزن يف او، ايف ايم ڊائريڪٽ ۽ ايف ايم پورٽل جاري ڪرڻ سا?? 2021ع جي نمايان سفارتي ڪاميابين ۾ شامل آهن.