لاهور – 23 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان لاهور ۾ گورنمينٽ ڪاليج يونيورسٽي ۾ ص??في ازم، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي فروغ لاءِ ابوالحسن الشاذلي ريسرچ سينٽر جو افتتاح ڪيو ۽ 14 ڪروڙ روپين جي لاڳت سان تعمير ٿيندڙ سينٽر جي عمارت جو پيڙهه جو پٿر رکيو جتي صوفي ازم جي روشني ۾ عملي زندگي کي بهتر طريقي سان گذارڻ تي تحقيق ڪئي ويندي. ان موقعي تي پنجاب جو گورنر چوڌري محمد سرور، پنجاب جو وڏو وزير سردار عثمان بوزدار، اطلاعات ۽ نشريات وارو وف??قي وزير چوڌري فواد حسين، وزيراعظم جو خاص مددگار ڊ??ڪٽ?? شهباز گل، عثمان ڊار، پنجاب حڪومت جو ترجمان حسان خاور، گورنمينٽ ڪاليج يونيورسٽي جو وائيس چانسلر پروفيس ڊ??ڪٽ?? اصغر زيدي به موجود هئا. وزيراعظم عمران خان ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته صوفي، اوليا اڪرام ۽ عاشقان رسول ﷺ جي تعليمات اسان جي لاءِ مشعل راهه آهن، نوجوانن کي بهتر زندگي گذارڻ لاءِ انهن جي نقش قدم تي هلڻو پوندو، ابوالحسن الشاذلي ريسرچ سينٽر نوجوانن جي زندگين ۾ انقلاب آڻيندو. گورنمينٽ ڪاليج يونيورسٽي جو وائيس چانسلر پروف??سر ڊ??ڪٽ?? اصغر زيدي وزيراعظم کي ريسرچ سينٽر بابت بريفنگ ڏني. هن ٻڌايو ته 14 ڪروڙ جي لاڳت سان تعمير ٿيندڙ سينٽر ۾ ص??في ازم جي روشني ۾ عملي زندگي کي بهتر طريقي سان گذارڻ تي تحقيق ڪئي ويندي. اداري جي مقصدن ۾ معاشري جي اصلاح، گڏيل برداشت، احترام، صوفي ازم، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۾ تحقيق کي وڌائڻ، مقامي ۽ عالمي محققين کي هڪ پليٽ فارم فراهم ڪرڻ ۽ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ان شعبي ۾ تحقيق لاءِ تعليمي وظيفا فراهم ڪرڻ آهي. ان کانسواءِ سينٽر موجوده شعبن جهڙوڪ تاريخ، اسلامي تعليمات، پوليٽيڪل سائنس، ادب وغيره ۾ ص??في ازم جي حوالي سان تحقيق ۽ تدريس کي به فروغ ڏيندو. سينٽر ۾ ص??في ازم تي بي ايس ۽ ايم فل جي سطح جي ڪورسن جي تعليم ڏني پئي وڃي. ان کانسواءِ سينٽر پوسٽ ڊ??ڪٽ??ل ۽ ريسرچ فيلوشپ به ڏيندو وڌيڪ اهو ته س??نٽر پي ايڇ ڊي لاءِ وظيفا به فراهم ڪندو جنهن جي ڪري صوفي ازم جي شعبي تي تحقيق ٿيندي.