اسلام آباد – 22 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪس??ان ۽ ناروي جي وچ ۾ سياسي، اقتصادي ۽ ٻين گڏيل مفادن جي شعبن ۾ لا??اپا وڌائڻ جا ام??ان موجود آهن. وزيراعظم عمران خان سان ناروي جي سفير پرالبرٽ الساس ملاقات ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته پاڪس??ان ۽ ناروي جي وچ ۾ بهترين لا??اپا آهن، پاڪستاني ڄاوا ناروي جا رهواسي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ هڪ مضبوط پل جي حثيت رکن ٿا. وزيراعظم چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سياسي، اقتصادي ۽ ٻين گڏيل مفادن جي شعبن ۾ لا??اپا وڌائڻ جا ام??ان موجود آهن. ناروي جي موبائيل فون ڪمپني ٽيلي نار جو حوالو ڏيندي وزيراعظم چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي لا??اپا وڌي رهيا آهن، ناروي جي سفير وزيراعظم عمران خان کي ناروي جي ??وا?? پاران مبارڪباد پيش ڪئي، هن وزيراعظم کي اسلامي تعاون تنظيم ڪائونسل جي پرڏيهي وزيرن جي غير معمولي اجلاس جي ڪاميابي سان انعقاد تي ته مبارڪباد ڏني، وزيراعظم ناروي جي وزيراعظم کي جلد پاڪس??ان جي دوري جي دعوت ڏني.