اسلام آباد – 14 ڊس??بر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته شهباز شريف ڄاڻي واڻي منصوبابندي تحت سلمان شهباز کي پاڪستان مان فرار ٿيڻ جي اجازت ڏني. مملڪتي وزير پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چ??و ته شهباز شريف مفرور سلمان شهباز کي پاڪستان واپس گهرائي ۽ عدالتن جي سامهون پيش ڪري. فرخ حبيب چ??و ته ن ليگ قوم جي لُٽيل دولت جو حساب ڏي، مملڪتي وزير چ??و ته 2008ع کان 2018ع دوران شهباز شريف پنجاب جو وڏو وزير هو، حمزه شهباز ۽ مفرور سلمان شهباز پنهنجي شگر ملز جي نوڪرن، ڪلارڪن جي نالي تي 28 ڳجها اڪائونٽس ٺاهيا، هن چ??و ته انهن ڳجهن اڪائونٽس جي ذريعي 16 ارب روپين کان وڌيڪ جي ناجائز دولت ۽ ڪرپشن لڪائي وئي. مملڪتي وزير چ??و ته هڪ ٽڪي جي ڪرپشن نه ڪرڻ جا دعويدار ار??ين روپين جي ڪرپشن ۾ ملوث نڪتا.