اسلام آباد – 26 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم ع??را?? خان سان چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه ملاقات ڪئي ۽ تفصيلي م??او??تي عمل کانپوءِ نئين ڊي جي آءِ ايس آءِ جي لاءِ ليفٽيننٽ جنرل نديم انجم جي نالي جي منظوري ڏن?? وئي جيڪو 20 نومبر 2021ع تي پنهنجي عهدي جي چارج سنڀاليندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب اها ملاقات آءِ ايس آءِ ۾ ڪمان جي تبديلي جي وقت ۽ نئين ڊائريڪٽر جنرل آءِ ايس آءِ جي چونڊ بابت وزيراعظم ۽ چيف آف آرمي اسٽاف جي وچ ۾ جاري م??او??تي عمل جو حصو هئي. ان عمل دوران دفاع واري وزارت کان آفيسرن جي هڪ فهرست ملي. وزيراعظم سمورن نامزد آفيسرن جو انٽرويو ڪيو. وزيراعظم ۽ چيف آف آرمي اسٽاف جي وچ ۾ م??او??ت جو حتمي دور اڱاري ڏينهن ٿيو. تفصيلي م??او??تي عمل کانپوءِ نئين ڊي جي آءِ ايس آءِ جي لاءِ ليفٽيننٽ جنرل نديم انجم جي نالي جي منظوري ڏن?? وئي. نامزد ڊي جي آءِ ايس آءِ 20 نومبر 2021ع تي پنهنجي عهدي جي چارج سنڀاليندو.