اسلام آباد – 10 – آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي ??ي اسپيڪر اسد قيصر ۽ ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري محسن پاڪستان ۽ ناليواري ائٽمي سائنسدان ڊاڪٽر عبدالقدير خ??ن جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڊاڪٽر عبدالقدير خ??ن جو لاڏاڻو ملڪ ۽ قوم جي لاءِ ناقابل تلافي نقصان آهي، جنهن کي ڪڏهن به پورو نه ٿو ڪري سگهجي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ پار??ن جاري تع??يت?? پيغام ۾ اسپيڪر اسد قيصر چيو ته پاڪست??ن جي دفاع کي فتح نه ٿيڻ جوڳو بڻائيندڙ قو??ي هيرو جي لاڏاڻي تي پوري قوم سوڳوار آهي. هن چيو ته ڊاڪٽر عبدالقدير خان کي قوم سدائين قو??ي هيرو طور ياد رکندي. ڊاڪٽر عبدالقدير خ??ن جي لاڏاڻي تي پنهنجي تع??يت?? پيغامن ۾ اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر چيو ته قوم ڊاڪٽر عبدالقدير خ??ن جي ملڪ جي لاءِ خدمتن ۽ احسانن کي ڪڏهن به وساري نه سگهندي. هنن چيو ته پاڪستان کي دنيا جو ستون ۽ اسلامي دنيا جو پهريون ائٽمي ملڪ بڻائڻ ۾ ڊاڪٽر عبدالقدير خ??ن جو ڪردار اهميت رکندڙ آهي، قوم محسن پاڪستان ڊاڪٽر عبدالقدير خ??ن جي احسانن جي سدائين مقروض رهندي. اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر وڌيڪ چ??و ته ڊاڪٽر عبدالقدير خ??ن جو لاڏاڻو ملڪ ۽ قوم ۽ سندس گهرڀاتين جي لاءِ ناقابل تلافي نقصان آهي. هنن چيو ته ڏک جي هن مشڪل گهڙيءَ ۾ سوڳوار خاند??ن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. قومي اسيمبلي ??ي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر الله تعاليٰ کان مرحوم جي درجن جي بلندي ۽ پوري قوم سميت سوڳوار خاندان کي ان عظيم صدمي کي برداشت ڪرڻ جي لاءِ صبر جميل عطا فرمائڻ جي پڻ دعا ڪئي.