نيويارڪ – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود ??ري??ي هڪ دفعو ٻيهر او آءِ سي تي ز??ر ڏنو آهي ته هو ڀارتي ان??انيت لڄائيندڙ ظلمن کي سڄي دنيا ۾ بي نقاب ڪرڻ لاءِ فعال ڪردار ادا ڪري، پاڪستان ڪشمير مسئلي تي ڀارت سان بامعنيٰ ۽ نتيجن وارين ڳالهين لاءِ تيار آهي، تنهن هوندي به ڳالهين کان اڳ ڀارت کي سازگار ماحول بڻائڻو پوندو ۽ والاريل ڪشمير ۾ پنج آگسٽ جا تڪراري قدم واپس وٺڻا پوندا، ڪشمير مسئلي کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪشميرين جي امنگن موجب منصفاڻي طريقي سان حل ڪرڻ کانسواءِ ڏکڻ ايشيا ۾ امن جو خواب تعبير نٿو ٿي سگهي. پرڏيهي وزير شاهه محمود ??ري??ي نيويارڪ ۾ ڄمون ڪشمير بابت او آءِ سي رابطا گروپ جي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي، اجلاس کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير چيو ته 5 آگسٽ 2019ع کان 80 لک ڪشميري بدترين گهيراءُ، بنا جواز گرفتارين ۽ غير معمولي پابندين کي منهن ڏئي رهيا آهن، ڀارتي قابض فوج مظلوم ڪشميرين کي ان ڏاڍ ۽ ظلم جي خلاف آواز کي دٻائڻ لاءِ ڪارن قانونن جو سهارو وٺي ناقابل بيان ظلم ڪري رهي آهي جڏهن ته هندو توا ۽ آر ايس ايس جي سوچ جي حامل بي جي پي سرڪاري ڪشميرين جي خصوصي حيثيت کي ختم ڪرڻ لاءِ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ آبادياتي تناسب کي تبديل ڪرڻ جي پويان آهي، ان کانسواءِ پنهنجي ناپاڪ مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڊوميسائل قانونن ۾ ترميم ڪري 42 لک جعلي ڊوميسائيل شرٽيفڪيٽس جاري ڪيا ويا آهن، شاهه محمود ??ري??ي چيو ته ڀارتي بربريت جو تازو مثال بزرگ ڪشميري اڳواڻ سيد علي گيلاني جي ميت سان روا رکيل بدترين سلوڪ آهي جيڪو پهرين سيپٽمبر تي ڊگهي ڀارتي نظربندي جي دوران لاڏاڻو ڪري ويو، عين ان وقت جڏهن سندس گهرڀاتي سندس لاڏاڻي تي سوڳ جي حالت ۾ هئا ۽ ان جي جنازي نماز جي تياري ۾ مصروف هئا، ڀارتي قابض فوج گهر ۾ زبردستي گهڙي ان جي جسد خاڪي کي ڇني ورتو ۽ نه اسلامي روايتن موجب ان جي جنازه نماز ٿيڻ ڏني وئي ۽ نه ئي کيس ان جي وصيت موجب ”قبرستان شهيدان“ ۾ تدفين جي اجازت ڏني وئي، ڀارتي حڪومت سيد علي گيلاني جي طرز عمل کان ايتري قدر ڊنل هئي جو ان جي لاڏاڻي کانپوءِ به ان سان غير ان??اني سلوڪ روا رکيو. مخدوم شاهه محمود ??ري??ي چيو ته عالمي برادري جو ڌيان ڀارت جي والاريل ڪشمير ۾ جاري ان??اني حقن جي سنگين خلاف ورزين ڏانهن ڇڪائڻ لاءِ حڪومت پاڪستان ٺوس ثبوتن تي ٻڌل ”ڊوزيئر“ جاري ڪيو آهي، ان 131 صفحن تي ٻڌل ڊوزيئر ۾ ڀارتي قابض فوج جي سينئر آفيسرن پاران 3432 جنگي ڏوهن جا حوالا ڏنا ويا آهن، هن چيو ته جيستائين ڪشمير مسئلي کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۽ ڪشميرين جي امنگن موجب منصفاڻي طريقي سان حل نٿو ڪيو وڃي ان وقت تائين ڏکڻ ايشيا ۾ امن جو خواب تعبير نٿو ٿي سگهي. شاهه محمود ??ري??ي يو ته پاڪستان هندستان سان ڪشمير تڪرار جي حل لاءِ ڳالهين لاءِ تيار آهي پر ان لاءِ هندستان کي ماحول سازگار بڻائڻو پوندو ۽ پنج آگسٽ 2019ع جا هڪطرفا ۽ غير قانوني قدم واپس وٺڻا پوندا. شاهه محمود ??ري??ي چيو ته ڪشمير ۽ فلسطين مسئلا وڏي عرصي کان گڏيل قومن ۽ او آءِ سي جي ايجنڊا تي آهن، او آءِ سي پاران ڪشمير مسئلي تي پاڪستان جي موقف جي مسلسل ۽ اڻٽر حمايت قابل تحسين آهي جڏهن ته ڄمون ۽ ڪشمير بابت او آءِ سي رابطا گروپ والاريل ڪشمير ۾ ان??اني حقن جي سنگين خلاف ورزين طرف ڌيان ڇڪائڻ ۾ اهم خدمتون سرانجام ڏنيون آهن، شاهه محمود ??ري??ي چيو ته اڄ خالي هٿين ڪشميري پنهنجون نظرون او آءِ سي ۽ مسلمان امت ڏانهن کڻي ويٺل آهن، شاهه محمود ??ري??ي ميمبرن تي ز??ر ڏنو ته توهان سڀ ڪشمير مسئلي کي جنرل اسيمبلي، هيومن رائٽس ڪائونس?? سميت گڏيل قومن جي سمورن فورمن تي کڻڻ ۾ اسان جي ڀرپور مدد ڪريو.