اسلام آباد – 14 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان مقام?? حڪومت کي جمهوريت جو بنيادي ڍانچو قرار ڏيندي لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي آهي ته اهي پنجاب ۾ بلدياتي چونڊن جي فوري انعقاد جي لاءِ قدم کڻن. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ پنجاب ۾ بلدياتي معاملن بابت اج??اس منعقد ٿيو. اج??اس ۾ وفاقي وزي??ن اسد عمر، فواد چوڌري، شفقت مح??ود، مخدوم خسرو بختيار، غلام سرور خان، چوڌري طارق بشير چيما، مونس الاهي، پنجاب جي خوراڪ واري وزير عبدالعليم خان ۽ لاڳاپيل سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي. پنجاب جي بلديات واري وزير ميان مح??ود الرشيد وڊيو لنڪ ذريعي اج??اس ۾ شرڪت ڪئي. پنجاب حڪومت وزيراعظم کي صوبي ۾ نئين لوڪل گورنمينٽ ماڊل تي بريفنگ ڏني. وزيراعظم عمران خان ان ڳالهه تي زور ڏنو ته مقام?? حڪومت جمهوريت جو بنيادي ڍانچ?? آهي. هن ان ڳالهه کي ورجايو ته مضبوط بلدياتي نظام کانسواءِ جمهوريت نامڪمل آهي. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته اهي بلدياتي نمائندن جي سڌوسنئون چونڊن کي يقيني بڻائين ۽ پنجاب ۾ بلدياتي چونڊون فوري طور تي ڪرائڻ جي لاءِ قدم کڻن.