اسلام آباد – 17 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته تعميرات جو شعبو ملڪي ترقي ۽ معاشي واڌ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، سمورا لاڳاپيل وفاقي کاتا ۽ صوبائي حڪومتون سيڙپڪارن جا مسئلا فوري حل ڪن، زراعت جي استعمال هيٺ ۽ ٻيلن جي لا??ِ مختص زمين ڪنهن به صورت ۾ تعميرات جي لا??ِ استعمال نه ٿيڻ گهرجي، هلندڙ سال چوماسي جي سڀ کان وڏي وڻڪاري مهم لا??ِ تياري ڪئي وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن هتي هائوسنگ، تعيمرات ۽ ترقي بابت قومي رابطا ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ناڻي وارو وفاقي وز??ر شوڪت ترين، مملڪتي وزير فرخ حبيب، صلاحڪار ڊاڪٽر عشرت حسين، ملڪ امين، ڊاڪٽر وقار مسعود، ڊاڪٽر شهباز گل، اسٽيٽ بئنڪ جو ??ور??ر ڊاڪٽر باقر رضا، نئون پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي جو چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) انور علي حيدر، سرويئر جنرل آف پاڪستان ميجر جنرل شاهد پرويز، سي ڊي اي چيئرمين ۽ سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي جڏهن ته صوبائي چيف سيڪريٽرين ۽ نمائندن وڊيو لنڪ ذريعي شريڪ ٿيا، سي ڊي اي چيئرمين اجلاس کي آگاهه ڪيو ته سي ڊي اي جي آن لا??ن پورٽل جاري ڪيو ويو آهي ان ۾ وڌيڪ بهتري آندي ويندي، ا?? کانسواءِ ون ونڊو فسيليٽيشن سينٽر به جلد قائم ٿي رهيو آهي جنهن ۾ شهرين جي لا??ِ زمين جي منتقلي، ف??س جي ادائيگي ۽ رهنمائي جي سهولت فراهم ڪئي ويندي