اسلام آباد – 24 – ڊسمبر (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان پي آءِ اي کي قومي اثاثو قرار ڏيندي چيو آهي ته قومي ايئر لائين جو ماضي شاندار آهي، پي آءِ اي کي عالمي سطح تي پنهنجو مقام واپس حاصل ڪرڻ ۽ ان کي منافع بخش بڻائڻ لاءِ ان جي سروس کي عالمي معيار موجب بڻائڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار پي آءِ اي جي حوالي سان هڪ ??جل??س جي صدارت ڪندي ڪيو. ??جل??س ۾ هوابازي وارو وفاقي وز??ر غلام سرور خان، صلاحڪار ڊاڪٽر عشرت حسين، سينيٽر نعمان وز??ر خٽڪ، ايوي ايشن جو سيڪريٽري شوڪت ع??ي، سي اي او ايئر مارشل (ر) ارشد ملڪ، ڊي جي سول ايوي ايشن ۽ لاڳاپيل اعليٰ آ??يس??ن شرڪت ڪئي. ڊاڪٽر عشرت حسين ??جل??س کي پي آءِ اي جي نئين سر جوڙجڪ جي حڪمت عملي جي باري ۾ آگاهه ڪيو جنهن سان نه رڳو پي آءِ اي جي مالي حالت ۾ بهتري آڻي سگهجي ٿي پر ان جي منافع بخش روٽ وڌائي عالمي رخن تي سروس فراهم ڪري سگهجي ٿي، ايئر مارشل (ر) ارشد ملڪ وز??راعظم کي پي آءِ اي جي بهتري لاءِ کنيل قدمن ۽ ان سان اداري تي پوندڙ مثبت اثرن کان آگاهه ڪيو.