لاهور – 07 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته راوي ريور فرنٽ اربن ڊولپمينٽ پراجيڪٽ ل??هور جي لاءِ تمام اهم منص??بو آهي، اهو منص??بو لاهور جي آلودگي کي گهٽ ڪرڻ ۽ مستقبل جي رهائشي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو، منص??بو مقرر مدي ۽ لاڳت ۾ مڪمل ڪيو وڃي، ان م??صو??ي جي مڪمل ٿيڻ ۾ مقامي افرادي قوت ۽ وسيل کي استعمال ۾ آندو وڃي، سيڙپڪارن کي ترغيب ڏيڻ جي لاءِ ٺوس پلان جوڙيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن هائوسنگ ۽ تعميرات بابت قومي رابطا ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز، حماد اظهر، وزيراعظم جي صلاحڪار مرزا شهزاد اڪبر، نئون پاڪستان هائوسنگ ڊولپمينٽ اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) انور علي حيدر، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر رضا باقر، پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار، پنجاب جي صوبائي وزير ميان محمود الرشيد، صلاحڪار ڊاڪٽر سلمان شاهه، پنجاب جي چيف سيڪر??ٽر??، ايل ڊي اي جي وائيس چيئرمين ۽ سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي. وڊيو لنڪ ذريعي خاص معاون ملڪ امين اسلم، ايف بي آر چيئرمين، هائوسنگ، م??صو??ابندي، توانائي، پ??ٽر??ليم، قانون وارن وفاقي سيڪر??ٽر??ن، سي ڊي اي چيئرمين پڻ شرڪت ڪئي. خيبرپختونخواهه، سنڌ، بلوچستان، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي چيف سيڪر??ٽر??ن پڻ وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي. سنڌ ۽ خيبرپختونخواهه جي چيف سيڪر??ٽر??ن عوامي سهولت جي لاءِ قائم ڪيل ون ونڊو آن لائن پورٽل جاري ڪرڻ جي حوالي سان بريفنگ ڏني. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ان پورٽ جاري ڪرڻ سان ڪو به خواهشمند شهري ڪو به تعميراتي منص??بو شروع ڪرڻ جي لاءِ آن لائن درخواست ڏئي سگهندو. ان پورٽل سان انساني مداخلت گهٽ کان گهٽ ٿيندي ۽ هر موقعي تي درخواست ۾ اڳڀرائي جي خبر پئجي سگهندي. وڌيڪ اهو ته ان پورٽل سان لاڳاپيل آفيسرن جي ڪارڪردگي متعين ڪرڻ جو موقعو ??ه ملندو. وزيراعظم سنڌ ۽ خيبرپختونخواهه پاران آن لائن پورٽل جاري ڪرڻ کي ساراهيو.