اسلام آباد – 28 جولاءِ (اي پي ??ي) وزيراعظم عمران خا?? جي صدارت ۾ ملڪ ۾ انٽرنيٽ جي وسيع ۽ بهتر ڪوريج کي يقيني بڻائڻ ۽ ٽيليڪام شعبي بابت معاملن تي غور ڪرڻ جي لاءِ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب اجلاس ۾ ملڪ ۾ انٽرنيٽ جي وسيع ۽ بهتر ڪوريج کي يقيني بڻائڻ ۽ ٽيليڪام سيڪٽر جي حوالي سان لاڳاپيل اشوز جي حل جي حوالي سان خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي وئي. شاگردن تائين انٽرنيٽ جي آسان پهچ ۽ سستي پئڪيج جي فراهمي جي حوالي سان پڻ قدمن تي تفصيلي خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملڪ جي پٺتي پيل علائقن ۾ موبائيل ۽ انٽرنيٽ جي ڪوريج کي يقيني بڻائڻ جي حوالي سان يونيورسل سروس فنڊ (يو ايس ايف) جي مختلف منصوبن تي پڻ خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم تعليم جي فروغ جي حوالي سان ٽيلي اسڪولنگ ۽ انٽرنيٽ جي ذريعي تعليم جي فراهمي جي قدمن کي ساراهيندي چيو ته نوجوان?? جي صلاحيت کي استعمال ۾ آڻڻ جي لاءِ ضروري آهي ته انهن کي تعليم حاصل ڪرڻ ۾ آساني فراهم ڪئي وڃي.