اسلام آباد – 28 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته حڪومت صحافت جي آزادي تي يقين رکي ٿي، ميڊيا تي ڪنهن به قسم جي سينسرشپ نه آهي، ڊاڪٽرن ۽ پيرامي??يڪ?? وانگر صحافي به ڪورونا وبا جي خلاف جنگ ۾ پهرين صف ۾ ڪم ڪري رهيا آهن، محدود وسيلن جي باوجود ملڪ جي ڏورانهن علائقن ج?? پريس ڪلبن جي مالي مدد جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آهي، وزيراعظم جي خاص هدايتن ت?? پريس ڪلبن جي مالي مدد ڪئي پئي وڃي. هو ملڪ جي مختلف پريس ڪلبن جي عه??يدارن ۾ مالي مدد جا چيڪ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي سيڪريٽري اڪبر حسين دراني، نيشنل پريس ڪلب اسلام آباد سميت سڄي ملڪ ج?? پريس ڪلبن جا عه??يدار ان تقريب ۾ شريڪ هئا. وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته منهنجي لاءِ اڄ خوشي جو ڏينهن آهي ته آئون سڄي ملڪ جي مختلف پريس ڪلبن جي عه??يدارن سان ملاقات ڪري رهيو آهيان. اطلاعات واري وزارت جي سيڪريٽري ۽ سندس ٽيم جيڪا ڪوشش ڪئي آهي اها ڪاميابي سان اڳتي وڌي رهي آهي. وزيراعظم عم??ان خان ج?? پراڻي خواهش ۽ واضح هدايتون هيون ته ڪلبز ۽ صحافي برادري جي هر ممڪن مدد ڪئي وڃي ان سان گڏوگڏ ??هي صحافي جيڪي بيمار يا ڪنهن مشڪل ۾ آهن انهن جي به مدد ڪئي وڃي، پنهنجي محدود وسيلن جي باوجود پريس ڪلبن ۽ صحافين جي مدد ڪرڻ وڃي رهيا آهيون.