اسلام آباد – 27 جون (اي پي پي) پيٽروليم واري وفاقي وزير عمر ايوب خان ۽ وزيراعظم جي پيٽروليم واري خاص معاون نديم بابر چيو آهي ته پاڪستان ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمت ڏکڻ اوڀر ايشيا ۾ هن وقت به سڀ کان گهٽ آهي، گذريل 46 ڏينهن ۾ عالمي منڊي ۾ تيل جي قيمت ۾ 112 سيڪڙو اضافو ٿيو، پاڪستان ۾ پيٽروليم مصنوعات جون قيمتون اٽڪل 25 سيڪڙو وڌايون ويون آ??ن، وزيراعظم جو ويزن آهي ته عوام کي رليف ڏنو وڃي، اسان جو مقابلو ماف??از ۽ ذخيره اندوزن سان آهي، انهن کي به بي نقاب ڪنداسين، مسلم ليگ (ن) 2015ع ۾ ماف??از کي تحفظ ڏنو، اسان ماف??از کي ٽوڙينداسين، آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين جا لائيسنس رد ڪرڻ جي لاءِ اوگرا کي مضبوط بڻائينداسين، غيرقانوني پمپن جي خلاف ايڪشن ورتو ويندو، اوگرا پاران ڪيل ڏنڊ ناڪافي آ??ن، 30 ڏينهن ۾ سمورن آئل ڊپوز جا انگ اکر سڌوسنئون دستياب هوندا، آئل ريفائنرين جي اپ گريڊيشن وقت جي ضرورت آهي، غيررجسٽرڊ پيٽرول پمپن جي خلاف ڪارروائي ٿي رهي آهي، پاور ڊويزن ۾ منهنج?? ڪو عمل دخل نه آهي، پنهنجي اثاثن جا تفصيل ڪابينا ۾ جمع ڪرائي ڇڏيا آ??ن، وزيراعظ?? چاهي ته انهن کي پبلڪ ڪري ڇڏي. اهڙن خيالن جو اظهار هنن هڪ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. پيٽروليم واري وفاقي وزير عمر ايوب خان چيو ته حقيقت هن وقت اها آهي ته عالمي منڊي ۾ گذريل 46 ڏينهن ۾ پيٽر??ل جي قيمت 112 سيڪڙو وڌي آهي. اسان پاڪستان ۾ ان جي قيمت ۾ اٽڪل 25 سيڪڙو اضافو ڪيو آهي. جنهن وقت قيمتون گهٽ ٿي رهيون هيون ان وقت به وزيراعظم جي ويزن موجب پاڪستان جي عوام کي رليف ڏنو ويو ۽ هاڻي به پاڪستان جي عوام ۽ پاڪستان جي پورهيتن کي وزيراعظم تحفظ ڏئي رهيو آهي.