اسلام آباد – 13 جون (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير حماد اظهر چيو آهي ته حڪومت روزگ??ر جا موقعا وڌائڻ جي لاءِ معيشت جي استحڪام ۽ نجي شعبي کي فروغ ڏيڻ تي ڀرپور ڌيان ڏئي رهي آهي. حڪومت جي اقتصادي ٽيم سان گڏ بجيٽ پريس ڪانفرنس ۾ هن ٻڌايو ته روزگ??ر جي فراهمي جي پنهنجي واعدن تي قائم آهيون، اسان جو سدائين کان اهو موقف رهيو آهي ته نجي شعبو روزگ??ر جي فراهمي ۾ اهم ڪردار ادا ڪر?? ٿو، نجي شعبو تڏهن مضبوط ٿيندو جڏهن اسان جي معيشت مستحڪم ٿيندي، اسان جو پهريون هدف معيشت کي استحڪام ڏيڻ آهي. معيشت جي استحڪام لاءِ موجوده حڪومت ??يترائي قدم کنيا آهن، حڪومت ??اروبار ۾ آسانيون پيدا ڪيون جنهن جي ڪر?? ڪاروبار ۾ آسانين جي عالمي درجابندي ?? گذريل سال 28 پوائنٽ جي بهتري ٿي ۽ هلندڙ سال ان ۾ وڌيڪ بهتري جو امڪان آهي.