اسلام آباد – 20 اپريل (ا?? پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت جي ڀرپور ڪوشش آهي ته ڪ??رونا جي روڪٿام ۽ معيشت جو ڦيٿو هلائڻ ۾ توازن قائم رکيو وڃي، واپاري برادري جي مشڪلاتن جو مڪمل ادراڪ آهي، ڪورونا جي خلاف سڀ کان م??ثر حڪمت عملي سماجي فاصلي کي يقيني بڻائڻ آهي، ان جنگ ۾ ڊاڪٽر ۽ طبي عملو اسان جو هر اول دستو آهي ۽ انهن جي ضرورتن کي پورو ڪر?? اولين ترجيح آهي، مسجدن ۽ عبادتن جي حوالي سان حڪمت عملي ملڪ جي عالم سڳورن جي مڪمل اتفاق راءِ طئي ٿيو آهي، ڪورونا وائرس جي روڪٿام جي حوالي سان قدم گڏيل ذميواري آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪورونا وائرس جي موجوده صورتحال ۽ روڪٿام جي حوالي سان قدمن جي جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.