اسلام آباد – 15 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪا به حڪومت اڪيلي سر ڪورونا جهڙي وڏي چئلينج جو مقابلو نه ٿي ڪري سگهي، سرندي وارن جي عطين ۽ فلاحي تنظيمن جي ڀرپور معاونت سا?? حڪومت سڄي ملڪ جي سمورن طبقن تائين پهچڻ جي لاءِ پرعزم آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سيلاني ويلفيئر ٽرسٽ جي وفد سا?? ملاقات دوران ڪيو. ملاقات ۾ غ??بت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري خاص معاون ڊاڪٽر ثانيه نشتر ۽ پناهگاهن بابت فوڪل پرسن نسيم الرحمان پڻ موجود هئا. وفد ڪورونا وائرس جي موجوده صورتحال ۾ وفاقي حڪومت خاص طور تي وزيراعظم عمران خان پاران ڪمزور طبقي ??ي رليف ڏيڻ جي ڪوششن کي ساراهيو، وفد موجوده صورتحال جي ڏس ۾ تعميرات ۽ ٻين مختلف صنعتي سرگرمين جي اجازت ڏيڻ جي حڪومتي فيصلي کي ساراهيندي چيو ته ان سا?? ڪاروباري طبقي جي مشڪلاتن ۾ گهٽتائي ايندي.