اسل??م آباد – 14 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ ن??ريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ترڪ صدر پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ خطاب دوران جرئت ۽ دليري سان ڪشميري عوام جي حقن لاءِ آواز بلند ڪيو، پاڪس??ان ۽ ترڪ عوام هڪ آهي، ٻئي ملڪ معاشي اقتصادي ۽ واپاري شعبن ۾ تيزي سان هڪ ٻئي جي ويجهو ٿي رهيا آهن، ترڪ ڀائر ملڪ پاڪس??ان کي ٽيڪنالاجي جي فراهمي سان سڄي دنيا جي نقشي تي مستحڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي، فردوس عاشق اعواڻ پارليامينٽ هائوس جي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي اهڙن خيالن جو اظها?? ڪيو، خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته پاڪس??ان ۽ ترڪ قوم ۽ قيادت هڪ آهن.