اسلام آباد – 06 نومبر (اي پي پي) وزيراع??م عمران خان چيو آهي ته ماضي جي ڪنهن حڪومت ماحولياتي ت??ديلين جي حوالي سان ڳڻتي ظاهر نه ڪئي، پهرين حڪومت آهي جنهن ماحولياتي ت??ديلين جي روڪٿام لاءِ ٺوس قدم کنيا آهن، شهرن جي پکيڙڻ بدران اسان گهڻ ماڙ عمارتن جي ت??مير ڏانهن وينداسين، حڪومت ۾ اچڻ اڳ منهنجو اهو عزم هو ته اقتدار ۾ اچي ماحولياتي ت??ديلي اولين ترجيح هوندي، اهو ئي سبب آهي جو خيبرپختونخوا ۾ 2013ع ۾ حڪومت ۾ اچڻ کانپوءِ اسان بلين ٽري منصوبو شروع ڪيو، ان منصوبي ج?? آغاز دوران معلوم ٿيو ته ٽمبر مافيا هڪ وڏو مسئلو آهي جنهن تي ڪا به جهل پل نه آهي، 10 گارڊ ان مافيا جي هٿان ماريا ويا، ??ذريل 10 سالن ۾ لاهور ۾ 70 سيڪڙو وڻ وڍيا ويا، اهو ئي سبب آهي جو لاهور آلوده ترين شهر آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسلام آباد ۾ ٽن ڏينهن واري ستين ايشيائي علائقائي ڪنزرويشن ڪانفرنس جي افتتاحي سيشن کي خطاب ڪندي ڪيو.