اسلام آباد – 25 – نومبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته تحريڪ انصاف بار بار احتجاج جو سڏ اهڙي وقت ۽ انهن ڏينهن تي ڏئي ڇو ٿي جڏهن اهم عالمي شخصيتون ??اڪ??تان اچي رهيون هُونديُون آهن. نائب وزيراعظم جي آفيس پاران جار?? بيان موجب محمد اسحاق ڊار چيو ته پي ٽي آءِ جو سياسي احتجاج، ملڪ جي عزت ۽ وقار سان سوچيل سمجهيل سازش ۽ راند آهي. نائب وزيراعظم چيو ته ڀلي اهو 14 آڪٽوبر تي چيني وزيراعظم جو دورو هجي، 15 ۽ 16 آڪٽوبر تي ايس سي او سمٽ جي لاءِ ملڪي سربراهن جي آمد هجي يا بيلاروس جي صدر جو ??اڪ??تان جو دورو جنهن جي لاءِ سندس وزير ۽ اهم ڪاروباري شخصيتون اسلام آباد پهچي ويون آهن. هن چيو ته خدارا پنهنجي گندي سياست کي ??اڪ??تان تي اهميت نه ڏيو.