اسلام آباد – 07 – جنوري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد ا??حاق ڊار جي صدارت ۾ بين الوزارتي ڪم??ٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ 11 ۽ 12 جنوري تي اسلام آباد ۾ ”مسلم ڪم??ونٽيز ۾ ڇوڪرين جي تعليم: چئلينجز ۽ موقعا“ جي موضوع تي عالمي ڪانفرنس جي تيارين جو جائزو ورتو ويو. پرڏيهي آفيس پ??ران جاري بيان موجب اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، تعليم ۽ تربيت واري وفاقي وزير ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي، نوجوانن جي معاملن واري وزير راڻا مشهود ا??مد، پرڏيهي سيڪ??يٽ??ي ۽ تعليم واري سيڪ??يٽ??ي شرڪت ڪئي.