اسلام آباد-06 ڊسمبر (اي پي پي) قانون، انصاف ۽ انساني حقن واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ سان انساني حقن بابت ميٽا جي گلوبل هيڊ ميرينڊا سيسنز ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ڊجيٽل چائلڊ سيفٽي، آن لائن خدشا ۽ انساني حقن کي هٿي ڏيڻ بابت اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزارت مان جاري پريس رليز موجب ملاقات ۾ ”ٽيڪ اٽ ڊائون“ قدمن جي ڪاميابي کي ??جاگر ڪيو ويو. جيڪا انساني حقن واري وزارت جي ڀائيواريءَ سان شروع ڪئي وئي هئي. اهي قدم غير اخلاقي ۽ نقصان ڏيندڙ مواد کي محفوظ طريقي سان هٽائڻ ذريعي ٻارن کي ??ن لائن استحصال کان بچ??ئڻ لاءِ تيار ڪيا ويا آهن. ان پليٽ فارم جو اردو ويزن جي ش??وع??ت کان ان جي رسائي کي وڌيڪ وسيع ڪري ڇڏيو آهي ته جيئن پاڪستان جي نوجوانن کي فائدو رسي. وفاقي وزير ٻارن جي حقن جي تحفظ لاءِ وزارت جي مستقل عزم تي زور ڀريو ۽ سائبر بلنگ ۽ آن لائن استحصال بابت شعور پيدا ڪرڻ لاءِ ڊجيٽل تعليمي مهم ۽ عوامي آگاهي وارن پروگرامن جهڙا قدم نمايان آهن. اهي قدم ٻارن جي حفاظت کي يقيني بنائڻ ۽ ڪٽنبن کي ڊجيٽل دنيا ۾ محفوظ طريقي سان رستو ڳولڻ لاءِ قابل بنائڻ لاءِ ضروري آهن. ٻنهي ڌُرين ڊجيٽل قانونن جي مطابقت کي ميڪانزم جي ضرورت تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ته جيئن انساني حقن جي معيارن مطابق پاليسيون جوڙي سگهجن، آن لائن نقصانن ۽ انتهاپسندي جو مقابلو ڪري سگهجي ۽ ڊجي??ل پليٽ فارمز کي پاڪستان جي ثقافتي ۽ مذهبي قدرن جي حساسيت جي روشنيءَ ۾ رکي ??گهجي. وفاقي وزير ميٽا ۽ مختلف وزارتن خاص طور تي آءِ ٽي وزارت ۽ گهرو وزارت وچ ۾ تعاون جي اهميت کي ??جاگر ڪيو ته جيئن انساني حقن جي ڊجيٽل شعبي ۾ محفوظ رکڻ لاءِ اثرائتيون پاليسيون لاڳو ڪري سگهجن. ميرينڊ اسيسنز آن لائن پليٽ فارم تي خطرن جي انتظام جي چئلينجن کي ??سليم ڪيو ۽ وزارت سان ڊگهي مُدي وا??ن حل طلب مسئلن تي ويجهي سهڪار لاءِ ميٽا جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ملاقات ۾ اليڪٽرانڪ ڏوهن جي روڪٿام جي ايڪٽ 2016ع پيڪا کي مضبوط بنائڻ تي به روشني وڌئي ته جيئن ڊجيٽل گورننس جي ڍانچي کي ??هتر بڻائي سگهجي ۽ آئيني آزادين جو تحفظ ڪري سگهجي.