اسلام آباد- 09 ڊس??بر (??ي پي پي) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ انساني حقن جو عالمي ڏي??هن اڱاري 10 ڊس??بر تي ملهايو ويندو. اهو ڏي??هن انساني حقن جي عالمي پڌرائي (يو اين ايچ آر) جي سالگره جي موقعي تي ملهايو ويندو آهي. ان تاريخي دستاويز ۾ نسل، رنگ، مذهب، جنس، ٻولي، سياسي يا ٻي راءِ، قومي يا سماجي حقيقت، ملڪيت، پيدائش يا ٻي حيثيت کي هڪ پاسي رکندي ا??هن حقن کي شامل ڪيو ويو آهي جن جو هر شخص انسان طور حقدار آهي. هلندڙ سال انساني حقن جي ڏي??هن 2024ع جو موضوع ”اسانجا حق، اسانجو مستقبل“ چونڊيو ويو آهي. انساني حقن جو ڏي??هن 2024ع ٻارن، نوجوانن وچ ۾ انساني حقن، تعليم کي هٿي ڏيڻ تي ڌيان ڏئي ٿو جيڪو ننڍي عمر کان ئي برابري، انصاف ۽ وقار جي قدرن کي هٿي ڏيڻ جي اهميت کي اجاگر ڪري ٿو. ان ڏي??هن جو اعلان 10 ڊس??بر 1948ع تي پيرس ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ڪيو هو ۽ ان ۾ پهريون ڀيرو بنيادي انساني حقن جو عالمي طور تي تحفظ ڪيو ويو هو. انساني حقن جي عالمي ڏي??هن جي مناسبت سان سرڪاري ۽ عير سرڪاري ۽ نجي ادارن جي انتظام هيٺ تقريبون منعقد ڪيون وينديون.