اسلام آباد-23 نومبر (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري ضلعي خيبر ۽ ڏکڻ وزيرستان ۾ پاڪ – افغان سرحد تي خوارج خلاف ڪامياب ڪارروائي تي سيڪيورٽي فو??سز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. ان ڪارروائي دوران 3 خوارج مارجي ويا. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ مان جا??ي بيان موجب صدر مملڪت افغان سرحد کان مداخلت روڪڻ تي سيڪيورٽي فو??سز جي بهادري جي واکاڻ ڪندي چيو ته دهشتگردن طرفان پاڪستان جو امن ا??ان خراب ڪرڻ ۽ مداخلت جي ڪوشش ناڪام بڻائيندا. صدر مملڪت دهشتگردي جي لعنت جي خاتمي تائين ڪارروايون جا??ي رکڻ جي عزم کي ورجايو.