اسلام آباد – 21 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف کربين رپين جي سيلز ٽيڪس فراڊ جي نشاندهي ڪندڙ ايف بي آر جي سينيئر آفيسر اعجاز حسين کي 50 لک ر??پيا انعام ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بي??ن موجب ايف بي آر جي سينيئر آفيسر اعجاز حسين کربين رپين جي سيلز ٽيڪس فراڊ جي ڪوشش جي وقت سر نشاندهي ڪندي ڪارروائي ڪئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ايف بي آر جي سينيئر آفيسر اعجاز حسين جي فرض شناسي کي ساراهيندي سندس ايمانداري جي اعتراف ۾ ان جي لاءِ 50 لک ر??ين جي انعام جو اعلان ڪيو ۽ کيس اعزازي شيلڊ پڻ ڏني. وزيراعظم ان موقعي تي چيو ته پاڪستان ۾ فرض شناس آفيسرن ۽ پنهنجي پيشي سان مخلص باصلاحي?? ماڻهن جي کوٽ نه آهي، ضرورت ان ڳالهه جي اهي ته اهڙن ايماندار ماڻهن جي حوصلا افزائي ڪئي وڃي.