اسلام آباد- 19 نومبر (اي پي پي) ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته حڪومت اقتصادي ترقي کي هٿي ??يڻ ۽ مالي استحڪام يقيني بنائڻ لاءِ اقتصادي رٿائن ۽ سڌارن جي ايجنڊا تي عمل پيرا آهي، حڪومتي قدمن جي نتيجي ۾ معاشي اهڃاڻ هاڪاري آهن. هن اها ڳالهه پاڪستان ۾ هالينڊ جي سفير هيني ڊي ويريز سان ملاقات ۾ چئي. ملاقات دوران ٻن??ي م??ڪن وچ ۾ ٻه طرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي امڪانن ۽ مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ جي طريقن تي ڳالهيون ڪيون ويون. ملاقات ۾ پاڪستان هالينڊ وچ ۾ پُراڻي دوستي ۽ گڏيل سهڪار جي مختلف رُخن جو به جائزو ورتو ويو. ڌُرين ٻن??ي م??ڪن وچ ۾ سهڪار لاءِ کاڻين، آءِ ٽي، تيل ۽ گيس، زراعت، ڊيري فارمنگ ۽ زرعي پيداوار جهڙن ترجيحي شعبن جي نشاندهي ڪئي ته جيئن ا??هن شعبن ۾ وڌيڪ ڪاروباري سهڪار کي هٿي ڏئي سگهجي ٿي. ناڻي واري وزير هالينڊ جي سفير کي حڪومت جي اقتصادي رٿائن ۽ سڌارن جي ايجنڊا بابت آگاهه ڪندي چيو ته اقتصادي ترقي کي هٿي ??يڻ ۽ مالي استحڪام کي يقيني بنائڻ لاءِ اهم شعبن ۾ سڌارن جو عمل جاري آهي. هن گذريل 14 مهينن ۾ حاصل ڪيل اقتصادي ڪاميابين جو ذڪر ڪيو ۽ معيشت کي جٽادار، روانگي واپار تي ٻَڌل اؤسر جي رستي تي گامزن رکڻ جي حڪومت عزم جو ورجاءُ ڪيو. ناڻي واري وزير پاڪستان کي درپيش موسمياتي چئلينجن جو به ذڪر ڪيو ۽ سندس ملڪ طرفان موسمياتي فنڊنگ ۽ جٽادار حل ذريعي ماحولياتي م??اسبت کي يقيني بنائڻ لاءِ کنيل قدمن تي روشني وڌي. هالينڊ جي سفير پاڪستان ۽ هالينڊ وچ ۾ ٻه طرفن ناتن کي مستحڪم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ مختلف شعبن ۾ سهڪار کي وڌيڪ وسعت ??يڻ لاءِ پنهنجي حڪومت جي مڪمل حمايت جي خاطري ڪرائي. هن ٻُڌايو ته ڊچ ڪرڪيٽ ٽيم ايندڙ سال جي شروعات ۾ پاڪستان جو دؤرو ڪرڻ واري آهي، جيڪا پاڪستان جي ڪرڪيٽ جي م??ارت مان سکڻ جي ڪوشش ڪندي. هن ناڻي واري وزير کي پاڪستان جي يورپي يونين سان واپار ۽ ڪاروبار کي هٿي ??يڻ لاءِ هالينڊ جي حمايت جو يقين ڏياريو.