اسلام آباد – 11 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اڄ سومر ڏينهن عرب اسلامڪ ملڪن جي غيرمعمولي سربراهي اجلاس ۾ شر??ت ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بي??ن موجب وزيراعظم اجلاس کي خطاب ۾ غزه ۽ فلسطين جي ٻين علائقن ۾ اسرائيل جي ظالماڻي ڪاررواين تي پاڪستان جو موقف پيش ڪندو. عرب اسلامڪ سمٽ جي موقعي تي وزيراعطم جُون سعودي عرب جي سيڙپڪاري واري و??ير ۽ مسلم ورلڊ ليگ جي سيڪريٽري جنرل س??ن ملاقاتون پڻ متوقع آهن.