اسلام آباد – 04 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته وياج جي شرح ۾ گهٽتائي سان ملڪ ۾ ڪاروباري سرگرمين، رو??نگ?? واپار ۽ روزگار جي موقعن ۾ اضافو ٿيندو، حڪومت پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي سهولت ۽ ٻاهرئين سيڙپڪاري ۾ اضافي جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي، اهڙا ماڻهو جي??ي ٽيڪس ڏيڻ جي اهل هجڻ جي باوجود ٽيڪس چوري ڪن ٿا ۽ آفيسر جي??ي انهن جي چوري ۾ مدد ڪن ٿا انهن جي خلاف گهيرو تنگ ڪيو وڃي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ مسلم ليگ (ن) جي پارلياماني پارٽي جو اجلاس ٿيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چي?? ته الله جي فضل ۽ ڪرم ۽ توهان سڀني جي ڪوششن سان پاڪستان جي معيشت مستحڪم ٿي رهي آهي، اسٽيٽ بئنڪ به وياج جي شرح ۾ 250 پوائنٽس جي گهٽتائي ڪري ڇڏي. هن چي?? ته 250 پوائنٽس جي گهٽتائي سان وياج جي شرح 17.5 سيڪڙو کان 15 سيڪڙو تي اچڻ خوش آئنده آهي، وياج جي شرح ۾ گهٽتائي سان ملڪ ۾ ڪاروباري سرگرمين، رو??نگ?? واپار ۽ روزگار جي موقعن ۾ اضافو ٿيندو. وزيراعظم چي?? ته مهانگائي جي شرح 38 سيڪڙو کان گهٽ ٿي 7 سيڪڙو تي اچي وئي، قومي ۽ عالمي ادارا ملڪي معيشت جي استحڪام جي گواهي ڏئي رهيا آهن. هن چي?? ته ملڪ ۾ انتشار ڦهلائڻ ۽ ملڪ کي ڏيوالپڻي جي ويجهو پهچائيندڙن جا ناپاڪ منصوبا ناڪام ٿيا، ملڪ جي بقاءَ جي خاطر پنهنجي سياست جي قرباني ڏيندڙن کي تاريخ سدائين سٺن لفظن ۾ ياد رکندي. هن چي?? ته مورخ جڏهن تاريخ لکند?? ته واضح طور تي ملڪ جي خيرخواهن ۽ آءِ ايم ايف کي قرض ڏيڻ کان روڪڻ جي لاءِ خط لکندڙن بابت لکندو، توهان سڀ اهي عظيم ماڻهو آهيو جن پنهنجي سياست جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ 24 ڪروڙ عوام بابت سوچيو، سعودي عرب جي تازي دوري ۾ پاڪستان سعودي سيرپڪاري حص??دا??ي ۾ نئين باب جو اضافو ٿيو. هن چي?? ته فيوچر انويسٽمينٽ انيشي ايٽو ۾ سعودي قيادت خاص طور تي ولي عهد محمد بن سلمان سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي، سعودي عرب پاڪستان جو پراڻو دوست ۽ حص??دا?? آهي، سعودي قيادت پاڪستان جي معيشت جي استحڪام ۽ ترقي جي لاءِ هر قسم جي مدد جي خاطري ڪرائي. هن چي?? ته سعودي عرب جي پاڪستان ۾ تازي سيڙپڪاري جو ڪاٿو 2.2 ارب ڊالر مان وڌي 2.8 ارب ڊالر ٿي ويندو، پنهنجي قطر جي دوري دوران قطري قيادت پڻ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي اضافي جي خاطري ڪرائي، پاڪستان ۾ قطري سيڙپڪاري جي 3 ارب ڊالر کي منصوبن جي شڪل ڏيڻ جي ڳالهه ٿي، قطر پاڪستان جي هوابازي، هوٽلنگ، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ توانائي سميت ٻين مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري ڪندو، حڪومت پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي سهولت ۽ ٻاهرئين سيڙپڪاري ۾ اضافي جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي. وزيراعظم چي?? ته پاڪستان جي هر شعبي ۾ سڌارن جي ايجنڊا لاڳو ڪري رهيا آهيون، ايف بي آر کي هدايت ڪئي آهي ته اهڙا ماڻهو جي??ي ٽيڪس ڏين ٿا اهي پاڪستان جا سفير آهن، انهن جي تڪريم ڪئي وڃي، اهڙا ماڻهو جي??ي ٽيڪس ڏيڻ جي اهل هجڻ جي باوجود ٽيڪس چوري ڪن ٿا ۽ آفيسر جي??ي انهن جي چوري ۾ مدد ڪن ٿا انهن جي خلاف گهيرو تنگ ڪيو وڃي. اجلاس ۾ پارلياماني پارٽي کي قومي اسيمبلي ۾ مجوزه قانونسازي جي بل جي حوالي سان پڻ اعتماد ۾ ورتو ويو.