دوحه – 01 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته پاڪستان ۽ قطر جي وچ ۾ تاريخي، ثقافتي ۽ مذهبي لاڳاپا موجود آهن، ثقافتي رشتن کي مضبوط بڻائڻ وزيراعظم شهباز شريف جو ويزن آهي. اها ڳالهه هن قطر جي ثقافت واري وزير عبدالرحمان بن حماد الثاني جي خصوصي دعوت تي فارج الفن ??يس??يول ۾ شرڪت جي موقعي تي ڳالهائيندي چئي. اطلا??ات واري وفاقي وزير قطر جي ثقافت واري وزارت ۽ ثقافت واري وزير عبدالرحمان بن حماد الثاني کي ??يس??يول جي لاءِ بهترين انتظامن تي مبارڪباد ڏني. ??يس??يول جي موقعي تي اطلا??ات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ جي تاجڪستان جي ثقافت واري وزير Matlubakhon Sattoriyen ۽ عراق جي ثقافت واري وزير ڊاڪٽر احمد الفلق ال بدراني سان ملاقات به ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي عطاءُ الله تارڙ چيو ته قطر جي ثقافتي ورثي کي محفوظ رکڻ ۽ ان کي فروغ ڏيڻ جي محنت هڪ اعزاز آهي. فارج الفن جهڙا ايونٽس ثقافتي مٽاسٽا جي اهميت جو اظهار آهن. هن چيو ته پاڪستان ۽ قطر جي وچ ۾ تاريخي، ثقافتي ۽ مذهبي رابطا موجود آهن. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ثقافتي تعاون ۾ نمايان اضافو ٿيو آهي. هن چيو ته ثقافتي رشتن کي مضبوط بڻائڻ وزيراعظم محمد شهباز شريف جو ويزن آهي. عطاءُ الله تارڙ چيو ته اهڙا ئي ايونٽس قوم کي هڪ ٻئي جي ويجهو آڻڻ، گڏيل احترام کي وڌائڻ ۽ گڏيل ورثي جي مٽاسٽا ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪن ٿا. هن عالمي سطح تي فن جي منظرنامي جي لاءِ روايتي ۽ جديد قطري فن پيش ڪرڻ ۾ فارج الفن ??يس??يول پيش ڪندڙن جي ڪردار کي ساراهيند?? چيو ته پاڪستان جي ثقافت ۽ قومي ورثي واري وزارت ثقافتي تعاون جي فروغ جهڙن قدمن جي حمايت ڪندي. هن چيو ته پاڪستان ۽ قطر جي وچ ۾ دوستي ۽ ثقافتي مٽاسٽا وڌيڪ گهري ٿيندي. واضح رهي ته تازو ئي پاڪستان ۽ قطر ثقافت جي شعبي ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي معاهدي تي صحيحون ڪيون آهن. ان معاهدي تحت 132 فن پارن کي قطر موڪليو ويو آهي ته جيئن انهن کي ”منظر: آرٽ اينڊ آرڪيٽيڪچر پاڪستان 1940ع کان هيستائين“ تحت قطر ميوزيم ۾ نمائش جي لاءِ پيش ڪيو وڃي. فارج الفن ??يس??يول 31 آڪٽوبر کان 6 نومبر تائين جاري رهندو. ??يس??يول ۾ قطر جي هر نموني جي جديد فن کي پيش ڪيو پيو وڃي. فارج الفن ??يس??يول فنڪارن، تخليقڪارن ۽ ثقافت سان محبت ڪندڙن جي لاءِ هڪ اهم پليٽ فارم آهي. ان ??يس??يول ۾ سڄي خطي بشمول سڄي دنيا مان فنڪارن کي ورڪشاپ ۽ سيمينارز ۾ شرڪت جي لاءِ گهرايو ويو آهي.