واشنگٽن _24 آڪٽوبر (اي پي پي) ناڻي وا??ي وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته گذريل هڪ سال دوران معيشت جي بهتري لاءِ ترجيحي بنيان تي قدم کنيا ويا آهن . جنهن جي نتيجي ۾ ملڪ ۾ مهانگائي ۾ گهٽتائي سان گڏوگڏ م??تلف شعبن ۾ بهتري ڏسڻ لاءِ ملي آهي . انهن سڌارن جو مقصد معاشي استحڪام ۽ پائيداري کي يقيني بڻائڻ هو. جنهن لاءِ اهم اقتصادي ۽ انتظامي تبديليون متعارف ڪرايون ويون . انهن خيالن جو اظهار هن وا??نگٽن ۾ ولسن سينٽر ۾ پاڪستان جي معاشي صورتحال جي حوالي سان ڳالهيون ڪندي ڪيو . ه?? گذريل هڪ سال دوران معيشت جي ڪارڪردگي ۽ مختلف سڌارن جو ذڪر ڪيو. هن گذريل هڪ سال دوران معيشت جي ڪارڪردگي ۽ مختلف سڌارن جو ذڪر پڻ ڪيو . جنهن ۾ ٽيڪس بيس کي وسيع ڪرڻ، خرچن ۾ گهٽتائي ، توانائي جي شعبي ۾ سڌارا، سر??اري ادارن جي حڪمراني ۾ بهتري آڻڻ ، ڪاروبار لاءِ برابر موقعا فراهم ڪرڻ ۽ موسمياتي استحڪام جون ڪوششون شامل آهن. معاشي ڪارڪردگي کي اجاگر ڪندي ناڻي وا??ي وزير چيو ته انهن سڌارن ۾ ٽيڪس بيس کي وسيع ڪرڻ شامل هو ته جيئن ٽيڪس جي ڊي پي شرح ۾ اضافو ٿي سگهي جڏهن ته خرچن تي ضابطو آڻڻ لاءِ سبسڊي ۾ گهٽتائي ??ئي وئي. توانائي جي شعبي ۾ پڻ بهتري لاءِ قدم کنيا ويا. سر??اري ادارن جي حڪمراني کي بهتر بڻائڻ تي ڪم ٿيو، ڪاروباري ادارن لاءِ برابر موقعا فراهم ڪرڻ جي ڪوشش ??ئي وئي ۽ موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ لاءِ قدم کنيا ويا ته جيئن معيشت کي پائيدار بڻايو وڃي.