اسلام آباد-31 آڪٽوبر (اي پي پي)قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار محمد اياز صادق هندو برادري کي ڏياريءَ جون مبارڪون ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ ترسيل سمورن شهرين کي برابر حق حاصل آهن. گذريل ڏينهن جاري ڪيل پيغام ?? قومي اسيمبلي جي اسپيڪر هندو برادري لاءِ ڏياري جي ڏڻ جي موقعي تي پنهنجي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي چيو ته ڏياري سڀني لاءِ روشنين، امن ۽ خوشيءَ جو پيغام آهي. ملڪ جي تعمير ۽ ترقي لاءِ اقليتي برادري جون ڪوششون تعريف جوڳيون آهن. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان جو آئين اقليت?? جي تحفظ جي مڪمل ضمانت فراهم ڪري ٿو. پارليامينٽ اقليت?? جي بهتري ۽ سندن حق?? جي تحفظ لاءِ هميشه قدم کنيا آهن. هن وڌيڪ چيو ته ملڪ جي تعمير ۽ ترقي لاءِ سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو.