لاهور -30 آڪٽوبر (اي پي پي) نادرا پاڪ آءِ ڊي ايپليڪيشن ۾ نوان فيچرز متعارف ڪرايا آ??ن. ??رجمان موجب فنگر پرنٽ ۽ سڃاڻپ ڪرائڻ وقت پيش آيل تڪليفن کي خت?? ڪيو ويو آهي. نادرا ترجمان مطابق صارفين نادرا آفيس ۽ ٻي سموري معلومات به ان ايپ جي مدد سان گهر ويٺي حاصل ڪري سگهن ٿا. نادرا پاران پي او سي رکندڙ ماڻهن لاءِ ويڊيو يا تصوير ذريعي تصديق جي سهولت فراهم ڪئي وئي آهي جڏهن ته ان کان علا??ه سڃاڻپ وارن ڪاغذن ۾ تبديلي جو عمل به ان??ها??ي آسان ڪيو ويو آهي. پاڪ آءِ ڊي ايپ تي پيچيده فنگر پرنٽس جو طريقيڪار اڳ کان بهتر ۽ وڌيڪ آسان ڪيو ويو آهي جڏهن ته هاڻي صارفين آٽوميٽڊ ميسيجنگ ذريعي هر لمحي ڪنهن به قسم جي دستاويزن بابت باخبر رهي سگهبا. جڏهن ته پاڪ آءِ ڊي ايپليڪيشن ۾ نادرا آفيس جي باري ۾ سمو??ي ضروري معلومات فراهم ڪئي وئي آهي.