اسلام آباد – 14 – آڪٽوبر (اي پي پي) چين جو وزيراعظم ??ي چيانگ سومر ڏينهن اسلام آباد پهتو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جا??ي بيان موجب 11 سالن کانپوءِ چين جي ڪنهن به وزيراعظم جو هي پهريون پاڪستان جو دورو آهي. وزيراعظم م??مد شهباز شريف چين جي وزيراعظم جو ايئرپورٽ تي استقبال ڪيو. بعد ۾ چيني وزيراعظم ??ي چيانگ وزيراعظم ??ائوس پهتو جتي کيس گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو. وزيراعظم م??مد شهباز شريف سان چيني وزيراعظم جي ملاقات ۽ وفدن جي سطح تي پڻ ملاقات ٿيندي. ٻئي وزيراعظم چين پاڪستان تعاون جي حوالي سان مفاهمتي يادداشتن تي صحيحن واري تقريب ۾ شرڪت ڪندا، جنهن ۾ چين پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) 2 سان گڏوگڏ ٻيا وڏا منصوبا پڻ شامل آهن. تقريب ۾ گوادر انٽرنيشنل ايئرپورٽ جو ورچوئل اف??تاح پڻ شامل آهي.