اسلام آباد – 09 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري بزرگ واپاري اڳواڻ افتخار ع??ي ملڪ کي سندس50 سالا ??ي اڻٿڪ خدمتن تي ايف پي سي سي آءِ ليجنڊ آف بزنس ڪميونٽي ايوارڊ عطا ڪيو آهي. اهو اعزاز سڄي خطي ۾ واپار ۽ صنعت کي فروغ ڏيڻ ۾ ان جي مثالي خدمتن ??ي اعتراف ۾ ڏنو ويو آهي. سندس ايوارڊ سندس وڏي پٽ سينيئر ايگزيڪيوٽو گارڊ گروپ تيمور ع??ي ملڪ ايوان صدر ۾ ٿيندڙ تقريب ۾ وصول ڪيو. ڪاروباري ۽ واپاري ڌر??ن پاران افتخار ملڪ کي اعليٰ ايوارڊ ملڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته افتخار ع??ي ملڪ پنهن??ي اڻٿڪ محنت جي لاءِ مشهور آهي ?? ڪاروباري دنيا ۾ نمايان مقام رکي ٿو. افتخار ع??ي ملڪ کي واپار ۽ بزنس جي شعبي لاءِ سندس ڪوششن ۽ بي پناهه خدمتن جي ڪري قومي ۽ عالمي سطح تي عزت ۽ احترام سان ڏٺو وڃي ٿو. پاڪستان ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ واپاري منظرنامي جي جوڙجڪ ۾ سندس ڪردار به اهم رهيو آهي. جنهن جي ڪري کيس ممتاز ايوارڊ جو حقدار سمجهيو ويو آهي. افتخار ع??ي ملڪ سارڪ چيمبرز آف ڪامرس، ايف پي سي سي آءِ ۽ لاهور چيمبر جي صدر ۽ سارڪ چيمبر پاڪستان چيپٽر جو مسلسل 11 سالن تائين بنا مقابلي نائب صدر رهيو ۽ ملڪ ۾ واپارين ۽ چيمبرز ??ي اتحاد، يونائيٽيڊ بزنس گروپ جو چيئرمين به رهيو، سندس گروپ مشهور بختاور ميموريل ٽرسٽ جون ٻه اسپتالون پڻ هلائي رهيو آهي، جيڪي مستحق مريضن کي مفت طبي سهولتون فراهم ڪري ٿو.