اسلام آباد-07 آڪٽوبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي ڪراچي ايئرپورٽ سگنل ويجهو ڌماڪي جي مذمت ڪندي ڌماڪي ۾ 2 چيني شهرين جي مارجڻ تي ڏُک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. ڪالهه پنهنجي تعزيتي بيان ۾ گهرو وزير چيو ??ه چ??ني شهرين جي ڏکويل خاندان جي غم ۾ برابر جو شريڪ آهيان. ڏُک جي گهڙيءَ ۾ چيني شهرين جي خاندانن سان مڪمل يڪجهتيءَ جو اظهار ڪريون ٿا. ان افسوسناڪ واقعي جا ذميوار قانون جي پڪڙ ??ان نٿا بچي س??هن. بزدل دشمن پاڪ- چين دوستي کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.