اسلام آباد – 02 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز جي دعوت تي ملائيشيا جو وزيراعظم پنهنجي 3 ڏينهن جي سر??ار?? دوري تي پاڪستان پهچي ويو. وزيراعظم محمد شهباز شريف ملائيشيا جي وزيراعظم داتوسري انور ابراهيم جو نور خان ايئربيس پهچڻ تي شاندار استقبال ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اسلام آباد پهچڻ تي پاڪ فوج جي دستي ملائيشيا جي وزيراعظم کي سلامي ڏني. ملائيشيا جي وزيراعظم کي 21 توپن جي سلامي ڏني وئي. روايتي لباس ??هريل ٻارن ملائيشيا جي وزيراعظم کي گل پيش ڪيا. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، ڪامرس وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال خان ۽ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پڻ وزيراعظم سان گڏ استقبال ۾ شريڪ هئا. ملائيشيا جو وزيراعظم داتوسري انور ابراهي?? دوري دوران وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ملاقات ڪندو. ملائيشيا جو وزيراعظم داتوسري انور ابراهيم صدر آصف علي زرداري سان پڻ ملاقات ڪندو. دوري دوران پاڪستان ملائيشيا ٻطرفي تعاون جي فروغ تي ڳالهه ٻولهه ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ حصيداري جي حوالي سان اهم اڳڀرائي ٿيندي. ملائيشيا جي وزيراعظم سان گڏ اعليٰ سطح جي ??ار??باري شخصيتن ۽ سيڙپ??ار?? جو وفد پڻ پاڪستان آيو آهي. وفد پاڪستاني ??ار??باري شخصيتن ۽ سيڙپ??ار?? سان ملاقات ڪندو جنهن سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپ??ار?? کي فروغ ملندو. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپ??ار?? ۾ تعاون جي لاءِ ملائيشيا جو وزيراعظم پاڪستان – ملائيشيا بزنس فورم ۾ شرڪت پڻ ڪندو.