نيويارڪ – 25 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪويت جي ولي عهد شيخ صباح خالد الحامد الصباح سان پنهنجي ملا??ات کي انتهائي لاڀائتو قرار ڏيندي چيو آهي ته ان ملا??ات ۾ اسان جي گڏيل لاڳاپن جو مجموعو ڪاٿو خاص طور تي سياسي، اقتصادي ۽ دفاعي تعاون سان لاڳاپيل معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي، اسان کي ڪويت سان پنهنجي ڀائراڻن لاڳاپن تي فخر آهي. ايڪس تي پنهنجي پو??ٽ ۾ وزيراعظم چيو ته گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 79هين اجلاس جي موقعي تي ڪويت جي ولي عهد شيخ صباح خالد الحامد الصباح سان انتهائي ڪارائتي ملا??ات ??ي جنهن ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل لاڳاپن جي مجموعي ڪاٿي خاص طور تي سياسي، اقتصادي ۽ دفاعي تعاون ۽ عوامي وفدن جي مٽاس??ا جو جائزو ورتو ويو. وزيراعظم چيو ته هن ڪويتي ولي عهد کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني، اسان کي ڪويت سان پنهنجي ڀائراڻن لاڳاپن تي فخر آهي ۽ اسان ٻنهي ملڪن جي مفاد ۾ معاشي سيڙپڪاري جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جا منتظر آهيون.