لنڊن – 05 – سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيرا??ظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار برطانيا جي نائب وزيرا??ظم ۽ هائوسنگ، ڪميونٽيز ۽ لوڪل گورنمينٽ بابت سيڪريٽري آف اسٽيٽ انجيلا ريز سان ملاقات ڪئي، نائب وزيرا??ظم برطانيا جي سرڪاري تي دوري آهي. نائب وزيرا??ظم محمد اسحاق ڊار برطانوي نائب وزيرا??ظم کي سندس مقرري تي مبارڪباد ڏني. ان موقعي تي نائب وزيرا??ظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار ٻطرفي ۽ علائقائي ڊومينز ۾ ٻنهي ملڪن جي گڏيل مفادن کي اڳتي وڌائڻ ??ي لاءِ مضبوط پاڪستان – برطانيا حصيداري جي اهميت تي زور ڏنو. نائب وزيرا??ظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پراڻي لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ ??ي لاءِ پاڪستاني ڄائي برطانوي شهرين جي تعاون ۽ 2022ع جي ٻوڏ کانپوءِ برطانيا جي نائب وزيرا??ظم انجيلا ريز ??ي پاڪستان جي دوري کي ساراهيو. نائب وزيرا??ظم موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ ۽ موسمياتي خطرن ۾ ورتل ملڪن ??ي لاءِ عالمي امداد کي متحرڪ ڪرڻ ??ي لاءِ برطانيا سان گڏجي ڪم ڪرڻ ??ي پاڪستان جي خواهش جو ورجاءُ ڪيو. هن چيو ته نوجوانن ??ي لاءِ موقعا پي??ا ڪرڻ ۽ ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري کي وڌائڻ ٻنهي حڪومتن جون گڏيل ترجيحون آهن. نائب وزيرا??ظم پاڪستاني برآمدات تائين برطانيا جي مسلسل ڊيوٽي فري پهچ کي پڻ ساراهيو. برطانيا جي نائب وزيرا??ظم انجيلا ريز نائب وزيرا??ظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ پاڪستان جي غيرمستقل ميمبرشپ جي چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني. برطانوي نائب وزيرا??ظم ٻنهي ملڪن کي هڪ ٻئي جي ويجهو آڻڻ ۾ ٻرٽش پاڪستاني ڪميونٽي جي ڪردار جو اعتراف ڪيو.