اسلام آباد-03 سيپٽمبر (اي پي پي) قانون، ??نصاف ۽ پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته اسان جي عدالتي نظام ۾ سڌارن جي سخت ضرورت آهي، ماڻهن کي ڪيترن ئي سالن تائين انصاف نٿو ملي، سستي انصاف جي رستي ۾ ايندڙ رڪاوٽون ختم ڪرڻيون آهن، ??نهن سڌارن لاءِ هن ايوان جون ڪجهه ذميواريون آهن، ??دالتن ۾ موڪلن جو قانون انگريز جي دؤر کان هلندو پيو وڃي، جڏهن بحري جهازن ذريعي هو ڊيوٽين تي ايندا هئا ۽ کين پنهنجن ٻارن سان ملڻ لاءِ 8 هفتن جون موڪلون ڏنيون وينديون هيون، ??ڪومت جڏهن قانون آڻيندي ته علي الاعلان سان آڻيندي. ڪالهه قومي اسيمبليءَ ۾ دانيال چوڌري عدالت سڳوريءَ ۾ ججن جو انگ (ترميمي) بل 2024ع پيش ڪرڻ جي اجازت گُهري. هن ٻُڌايو ته ??ي بل جڏهن آيو تڏهن آبادي 16 ڪروڙ ه??ي، هاڻ 25 ڪروڙ آهي. سپريم ڪورٽ ۾ 34 هزار ڪيس التوا هيٺ آهن. عدالت تي ڪيسن جو بار آهي. گوهر علي خان چيو ته ??اعدن تحت ان تي نجي بل نٿو آڻي سگهجي، ججن جي انگ کي وڌائڻ حڪومت جو اختيار آهي ۽ اهو حڪومتي بل ذريعي ممڪن آهي. قانون واري وفاقي وزير چيو ته ججن جي انگن جي حوالي سان بحث ٿيڻ گهرجي. ان تي سينيٽ ۾ تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، اسان جي آبادي 25 ڪروڙ ۽ سپريم ڪورٽ ۾ ججن جو انگ 17 آهي. برطانيه ۾ 6.5 ڪروڙ آبادي تي 12 ججن آهن، ??جن جي اسپيشلائزيشن به اهم آهي. سينيٽ ۾ اهڙو بل ڪميٽيءَ کي ڏنو آهي، صوبائي حڪومت ڪي پي ڪي طرفان ضم ٿيل ضلعن کانپوءِ ججن جو انگ وڌائڻ جي تجويز آئي ه??ي، جنهن تي اصولي اتفاق ٿي ويو آهي، 10 ججن جو اضافو ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته ??وجداري پروسيجر ۽ قانون شهادت ۾ سڌارن لاءِ 5 مهينن کان ڪم هلي رهيو آهي. هن چيو ته ??ر شيءِ کي تعصب سان نه ڏ??ڻ گهرجي.