راولپنڊي – 26 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪ فو?? جي سربراهه جنرل سيد عاصم منير سان چين جي هٿياربند فو?? جي سربراهه لي ڪيائو منگ ملاقات ڪئي جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ فوجي تعاون مضبوط بڻائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ٿ??. آ??ِ ايس پي آر موجب پيپلز لبريشن آرمي گرائونڊ فورسز جي ڪمانڊر جنرل لي ڪيائو منگ جنرل هيڊڪو??رٽ??ز ۾ چيف آف آرمي اسٽاف جنرل سيد عاصم منير سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي تفصيلي غور ڪيو ويو، علائقائي سلامتي، فوجي تربيت ۽ دفاع ج?? شعبي ۾ تعاون وڌائڻ جي معاملن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئ??. آ??مي چيف ٻنهي ملڪن جي فوجن جي وچ ۾ تعاون وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي زور ڏنو. مهمان شخصيت دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي خلاف پاڪستان جي موثر ڪوششن کي ساراهيو، چيني ڪمانڊر پاڪ فو?? جي پيشيواراڻي صل??حي??ن ۽ جذبي کي پڻ ساراهيو. آرمي چيف چيني ڪمانڊر جا ٿورا مڃيا. آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير چيو ته دفاعي تعاون ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مضبوط ڀائيچاري جي علامت آهي، پاڪستان چين سان پنهنجي مضبوط تعلق کي وڏي اهميت ڏي ٿو. ان موقعي تي چيني ڪمانڊر جي ايڇ ڪيو ۾ شهيدن جي يادگار تي گل چاڙهيا. جي ايڇ ڪيو اچڻ تي چيني ڪمانڊر کي پاڪ فو?? جي دستي سلامي پڻ پيش ڪئي.