اسلام آباد – 22 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ملڪ جي هوائي اڏن تي مسافرن، سياحن ۽ سمنڊ پار پاڪستانين جي لاءِ سهولتن کي وڌيڪ بهتر ڪيو وڃي، سياحت جي فروغ جي لاءِ اسڪردو انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي مسافرن کي بهتر??ن سهولتون يقيني بڻايو?? وڃن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ هوا??از?? شعبي جي سڌارن جي حوالي سان جائزه ا??لا?? ٿيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته پاڪستان جي هوائي اڏن تي مسافرن، سياحن ۽ سمنڊ پار پاڪستانين جي لاءِ سهولتن کي وڌيڪ بهتر ڪيو وڃي، عالمي اڏامن جي وقت مسافرن کي ڊگهي انتظار کان بچائڻ جي لاءِ انهن وقتن ۾ وڌيڪ ڪائونٽرز آپريٽ ڪيا وڃن. هن چيو ته هوا??از?? شعبي جو هن سال جي سيفٽي آڊٽ جلد مڪمل ڪئي وڃي، گذريل حڪومت جي دور ۾ هوا??از?? شعبي جي سڌارن جي لاءِ ايوي ايشن ايڪٽ منظور ڪرايو. وزيراعظم چيو ته ايوي ايشن ايڪٽ تحت سمورن پاليسي قدمن ۽ سڌارن جو لاڳو يقيني بڻايو وڃي، سياحت جي فروغ جي لاءِ اسڪردو انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي مسافرن کي بهتر??ن سهولتون يقيني بڻايو?? وڃن، اسڪردو انٽرنيشنل ايئرپورٽ ۽ گلگت ايئرپورٽ جي توسيع جي حوالي سان هڪ ٺوس حڪمت عملي جوڙي وڃي. هن چيو ته الله جي فضل ۽ ڪرم سان سڌارن جي ڪري پاڪستان جو هوا??از?? شعبو صحيح رخ طرف گامزن آهي، آٽوميٽيڊ بارڊر ڪنٽرول سسٽم تحت خودڪار اميگريشن گيٽس هڻڻ سان مسافرن کي وڌيڪ سهولت ٿيندي. ا??لا?? کي هوا??از?? شعبي جي سڌارن جي حوالي سان تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو. بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته وزيراعظم جي قيادت ۾ گذريل حڪومت جي دور ۾ ايوي ايشن ايڪٽ 2023ع منظور ٿيو، ايوي ايشن ايڪٽ تحت شعبي ۾ وڏي پئماني تي سڌارن جو لاڳو جاري آهي. بريفنگ دوران اهو به ٻڌايو ويو ته ايڪٽ تحت ايئرپورٽ مئنيجمينٽ اٿارٽي ۽ سول ايوي ايشن کي جدا ڪري آپريٽر ۽ ريگيوليٽر جي فرضن جي بهتر طريقي سان سرانجام ڏيڻ کي يقيني بڻايو پيو وڃي، سمورن نئين منصوبن ۽ قدمن جي ٿرڊ پارٽي ويلي ڊيشن يقيني بڻائي پئي وڃي، لاهور ايئرپورٽ تي مسافرن جي سهولت جي لاءِ ڪائونٽرز جي انگ ۾ اضافو ۽ انتظارگاهه ۾ توسيع ڪئي وئي آهي. بريفنگ دوران وڌيڪ ٻڌايو ويو ته اسڪردو ايئرپورٽ جي توسيع جي لاءِ جلد فزيبلٽي رپورٽ تي ڪم شروع ٿي ويندو، هوائي اڏن تي آٽوميٽيڊ بارڊر ڪنٽرول هڻڻ جي لاءِ اظهارِ دلچسپي ملي چڪا آهن. ا??لا?? کي سڄي ملڪ جي هوائي اڏن تي مسافرن جي سهولت ۾ بهتري جي لاءِ کنيل قدمن ۽ پاڪستان ۾ سياحت جي لاءِ هوائي اڏن تي نجي ڪمپنين جي اڏامن جي حوالي سان پڻ تجويز??ن پيش ڪيون ويون. وزيراعظم انهن قدمن کي مقرر مدي ۾ مڪمل ڪرڻ سان گڏوگڏ شفافيت جي عنصر کي اهميت ڏيڻ جي هدايت ڪئي. ا??لا?? ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، وفاقي وزيرن خواجه محمد آصف، اعظم نذير تارڙ، عبدالعليم خان، احد خان چيما ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.