اسلام آباد – 15 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪرم ضلعي ۾ پاڪ فوج جي دهشتگردن جي ٺڪاڻي جي خلاف ڪامياب ڪارروائي ۽ فتنه الخوارج جي 7 دهشتگردن کي ??ارڻ ۽ 5 دهشتگردن کي گرفتار ??رڻ تي آفيسرن ۽ جوانن کي ساراهيندي چيو آهي ته پاڪ فوج ملڪ جي مٽيءَ کي ??تنه الخوارج کان پاڪ ڪرڻ جي لاءِ ڏينهن رات سرگرم عمل ۾ آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بي??ن موجب وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي سالميت جي لاءِ پنهنجي جانين جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ فرض سرانجام ڏيڻ ۾ مصروف عمل پاڪ فوج جي بهادر آفيسرن ۽ جوانن کي ??ون سميت پوري قوم خراج تحسين پيش ڪري ٿي، د??شتگردي جي لعنت ک??ن ملڪ جي مٽيءَ کي ??اڪ ڪرڻ جي عزم ۾ پوري قوم پاڪ فوج سان گڏ بيٺل آهي.