اسلام آباد -03 آگسٽ (اي پي پي) ڊيوٽي جج جوڊيشل مئجسٽريٽ شهزاد خان قومي خابرو اداري اي پي پي ۾ ڪروڙين رپ??ن جي ماليت ج?? ڪرپشن ڪيس ۾ نامزد جوابدارن کي وڌيڪ 3 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي ايف آءِ اي حوال?? ڪري ڇڏيو. وفاقي تحقيقاتي اداري ايف آءِ اي جي اينٽ?? ڪرپشن سيل محمد غواث خان (پراجيڪٽ ڊائريڪٽر) مصور عمران (ڊپ??ي ڊائريڪٽر) ۽ سعد مدثر (چيف ڪمپيوٽر انجنيئر) کي 3 ڏينهن جو جسماني رمانڊ ختم ٿيڻ تي عدالت ۾ پيش ڪري، موقف اختيار ڪيو ته جوابدارن کان وڌيڪ جاچ گهربل آهي، انهن جو 14 ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور ڪيو وڃي، ٻڌڻي دوران ??ي پي پي جي ليگل ايڊوائيزر ناليواري قانوندان ??ردار يعقوب مستوئي ايڊووڪيٽ دليل ڏنا ته جوابدار پروڪيورمينٽ ڪميٽي جا ميمبر هئا. هنن جعلساز?? ڪري سرڪاري ناڻي کي 124 ملين رپ??ن جو نقصان پهچايو. جوابدارن کان ??رڪاري رقم رڪور ڪرڻ لاءِ جسماني رمانڊ ڏنو وڃي. جوابدارن جي وڪيلن جسماني رمانڊ جي مخالفت ڪئي. دليل مڪمل ٿيڻ تي عدالت ٽنهي جوابدارن کي وڌيڪ 3 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي ايف آءِ اي حوال?? ڪري ڇڏيو.