اسلام آباد-22 جولاءِ (اي پي پي)نجڪاري، سيڙپڪاري بورڊ ۽ مواصلات واري وفاقي وزير عب??العليم خان سان ڪويت جي سفير عب??الرحمان جاسر المطيري ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ڪويت ۽ پاڪستان وچ ۾ ”جي ٽو جي“ ۽ ”بي ٽو بي“ جي بنياد تي منصوبن ۾ حصيداري تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفاقي وزير عب??العليم خان ۽ ڪويت جي سفير عب??الرحمان جاسر المطيري وچ ۾ وڌيڪ جامع انداز ۾ اڳتي وڌڻ تي اتفاق ڪيو ويو. وفاقي وزير ڪويت ۽ پاڪستان ۾ واپاري سرگرمين کي هٿي وٺرائڻ لاءِ مختلف تجويزن تي ڳالهيون ڪيون. ان موقعي تي ڪويت جي سفير چيو ته پاڪستان جي معيشت جي مضبوطي ۽ گڏيل حصيداري ۾ هر ممڪن تعاون ڪن??اس??ن. ڪويت جي سفير خاطري ڪرائيندي چيو ته ڪويت جا پاڪستان سان لاڳاپا اهميت رکندڙ آهن. سمورن معاهدن کي پڄاڻي تي پهچائين??اس??ن. ڪويتي ادارن طرفان سمورن معاهدن جي وقت سر تڪميل يقيني بڻائين??اس??ن. ڪويت جي سفير وفاقي وزير سان ڳالهائيندي چيو ته ڪويت مستقبل ۾ پاڪستان سان ڀائراڻي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائيندو. ڪويت جي سفير وفاقي وزير عب??العليم خان کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته ا??ها?? جي هاڻوڪي ڪويت جي دوري سان لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ ۾ مدد ملي.