اسلام آباد-20 جولاءِ(اي پي پي)سڌ سماءَ،قومي ورثي ۽ ثقافت و??ري وفاقي وزير عطا الله تارڙ وزارت جي سينئر آفيسر پرنسپل انفارميشن (پي آءِ او) مبشر حسن جي والد جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي، جاري ڪيل تعزيتي بيان ۾ وفاقي وزير مبشر حسن ۽ سندس ڪٽنب سان دلي همدردي ۽ تعزيت ج?? اظهار ڪيو ۽ چيو ته سندس لاڏاڻي جي خبر ٻڌي افسوس ٿيو، هن چيو ته والد جو لاڏاڻو هڪ وڏو سانحو آهي، والد جي لاڏاڻي سان پيدا ٿيل خال کي ڪير به ڀري نه ٿو سگهي، هن وڌي?? چيو ته ڏک جي هن گهڙي ۾ اسان مرحوم جي ڪٽنب سان گڏ آهيون، هن مرحوم جي مغفرت ۽ ڏکويل ڪٽنب جي صبر ۽ تحمل لاءِ ڌڻي در دعا گهري.