لاهور-12 جولاءِ (اي پي پي) لاهور جي دهشتگردي ??وڙ خصوصي عدالت ڪالعدم تنظيم لاءِ ڪم ڪندڙ ٻن جوابدارن عبدالحنان ۽ محمد موسيٰ کي ڏوهه ثابت ٿيڻ تي پنج، پنج سال قيد جي سز?? ٻڌائي آهي. دهشتگردي ??وڙ عدالت نمبر ٽي جي جج ارشد جاويد اهو ??يص??و ٻڌايو. عدالت قرار ڏنو ته جوابدار الزامن جي حوالي سان پنهنجي بي گناهي ۾ ڪي ٺوس ثبوت مهيا نه ڪري سگهيا. عدالت ??يص??ي ۾ باور ڪرايو آهي ته پراسيڪيوشن جوابدارن تي لڳايل الزام ثابت ڪرڻ ۾ ڪامياب رهي. جوابدرن تي ڪالعدم تنظيم لاءِ چندو گڏ ڪرڻ ۽ لکت وارو مواد رکڻ جي الزام ۾ ڪيس داخل آهي، جوابدار عبدالحنان ۽ محمد موسيٰ خلاف 2023ع ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو هو جنهن موجب جوابدارن کان ڪالعدم تنظيم جي مشهوري لاءِ لکت وارو مواد هٿ ڪيو ويو هو. عدالت دليل مڪمل ٿيڻ تي ??يص??و محفوظ ڪري ورتو هو بعد ۾ جمعي ڏينهن عدالت پنهنجو ??يص??و ٻڌايو.