اسلام آباد – 12 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاسڪو جي ??جڪ??ري جي حوالي سان حڪمت عملي جوڙڻ ۽ ڪڻڪ ۽ ٻين فصلن جي پيداوار ۾ اضافي جي لاءِ موثر قدم کڻڻ، ڪڻڪ واري بورڊ ۾ آبادگارن، لينڊ انفارميشن اينڊ مئنيجمينٽ سسٽم ۽ اسپارڪو جي نم??ئن??ن کي شامل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اها هدايت وزيراعظم پنهنجي صدارت ۾ قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري ??زارت ۽ پاسڪو بابت اجلاس دوران ڏني. اجلاس ۾ اقتصادي معاملن واري ??فاقي وزير احد خان چيما، ناڻي ۽ اوڳاڙين واري ??فاقي وزير محمد اورنگزيب، قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري ??فاقي وزير راڻا تنوير حسين، اطلاعات ۽ نشريات واري ??فاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، ناڻي ۽ اوڳاڙين واري ??ملڪتي وزير علي پرويز ملڪ، ڊپٽي چيئرمين پلاننگ ڪميشن جهانزيب خان، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ويٽ (Wheat) ڪڻڪ بورڊ جي نئين سر جوڙجڪ جي منظوري ڏني وئي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ڪڻڪ ۽ ٻين فصلن جي پيداوار ۾ اضافي جي لاءِ موثر قدم کنيا وڃن ۽ ڪڻڪ بابت بورڊ ۾ آبادگارن جي نم??ئن??ن کي شامل ڪيو وڃي. هن ويٽ بورڊ ۾ لينڊ انفارميشن اينڊ مئنيجمينٽ سسٽم ۽ اسپارڪو جي نم??ئن??ن کي شامل ڪرڻ ۽ پاسڪو جي ??جڪ??ري جي حوالي سان حڪمت عملي تيار ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. وزيراعظم حڪم ڏنو ته وفاقي حڪومت جي ڪڻڪ جي خريداري جي حوالي سان متبادل حڪمت عملي جوڙي وڃي ۽ ان حوالي سان گلگت بلتستان، آزاد ڪشمير سميت صوبائي حڪومتن ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن سان مشاورت ڪئي وڃي. اجلاس کي ويٽ بورڊ جي ري اسٽرڪچرنگ ۽ ٽي او آرز، ڪڻڪ ۽ ٻين فصلن جي پيداوار وڌائڻ ?? پاسڪو ۾ سڌارن جي حوالي سان به بريفنگ ڏني وئي.