راولپنڊي -17 جولاءِ (اي پي پي) بنون ڇانوڻي تي 15 جولاءِ تي دهشتگردن جي آپگهاتي حملي جي نتيجي ۾ شهادت جي عظيم رتبي تي پهتل پاڪ فوج جي جوانن کي پوري فوجي اعزاز سان ??ٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. آءِ ايس پي آر طرفان جاري پريس رليز مطابق ان ??اقعي ۾ نائب صوبيدار محمد شهزاد شهيد (عمر 44 سال، رهائش ضلع پونڇ آزاد ڄمون ڪشمير)، حوالدار ضلال حسين شهيد (عمر 39 سال، رهائش ضلع خوشاب)، حوالدار شهزاد احمد شهيد (عمر 28 سال، رهائش ضلع نيلم آزاد ڄمون ڪشمير)، سپاهي اشفاق حسين خان شهيد (عمر 30 سال، رهائش ضلع مظفر آباد، آزاد ڄمون ڪشمير)، سپاهي سبحان ??جيد شهيد (عمر 22 سال، رهائش ضلع مظفر آباد، آزاد ڄمون ڪشمير)، سپاهي امتياز خان شهيد (عمر 30 سال، رهائش ضلع ڪرڪ)، سپاهي ارسلان اسلم شهيد (عمر 26 سال، رهائش ضلع بهاولپور) ۽ فرنٽيئر ڪ??نسٽيبلري جو لانس نائيڪ سبز علي شهيد (عمر 34 سال، رهائش لڪي مروت) کي پنهنجن اباڻن علائقن ۾ مڪمل فوجي اعزاز سان ??ٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. شهيدن جي جنازه نماز ۽ تدفين ۾ پاڪ فوج جي سينئر آفيسرن، جوانن، شهيدن جي وارثن ۽ علائقي جي معزز ماڻهن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. مادر وطن مان دهشتگردي جي لعنت ۽ آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين هي جنگ جاري رهندي. شهيدن جون هي عظيم قربانيون ڪنهن به صورت ۾ ضايع نه وينديون.